ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ 13 اسپتالون متاثر ٿيون:صحت جو عالمي ادارو

نيويارڪ(م ڊ) عالمي صحت تنظيم (ڊبليو ايڇ او) تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيلي حملن دوران ايران ۽ لبنان ۾ اسپتالن ۽ طبي سهولتن کي نشانو بڻايو ويو، ۽ چيو ته بين الاقوامي قانون تحت، صحت جي سهولتن کي محفوظ ڪيو وڃي ۽ انهن کي نشانو نه بڻايو وڃي. عالمي صحت تنظيم ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کان پوءِ خطي ۾ وڏي  پيماني تي جاني نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هڪ پريس بريفنگ ۾، ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ادهانوم گبريسس تصديق ڪئي ته ايران ۾ 13 صحت سهولتون ۽ لبنان ۾ هڪ کي نشانو بڻايو ويو. ساڳئي بريفنگ ۾، اوڀر ميڊيٽرينين لاءِ ڊبليو ايڇ او جي علائقائي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حنان بلخي چيو ته ايران ۾ چار ايمبولينس کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ڌماڪن سبب اسپتالن ۽ ٻين طبي سهولتن کي معمولي نقصان پهتو. هن اهو پڻ چيو ته لبنان ۾ اسرائيل پاران حملن جي خبرداري کان پوءِ ڪيترن ئي اسپتالن ۽ ڪلينڪن کي خالي ڪرائڻ جي ڪري بند ڪرڻو پيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.