ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو 3 هزار 400 رپيا سستو ٿيڻ بعد 5 لک 33 هزار 762 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، اهڙي طرح 10 گرام سون 2 هزار 915 رپيا لاٿ سان 4 لک 57 هزار 614 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس 34 ڊالر سستو ٿيڻ بعدِ 5110 ڊالر جو ٿي ويو آهي.،