پاسدارنِ انقلاب جو اسرائيل خلاف آپريشن” واعده صادق“ جي 22 هين لهر شروع ڪرڻ جو اعلان

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جو چوڻ آهي ته پاسدارانِ انقلاب هڪ آمريڪي جنگي جهاز کي نشانو بڻائڻ سان گڏ تل ابيب تي ڊرونز ذريعي حملو به ڪيو آهي.
ايراني پاسدارانِ انقلاب اعلان ڪيو آهي ته آپريشن ”واعده صادق 4“ جي 22 هين لهر شروع ڪئي وئي آهي جنهن ۾ خرمشهر 4، خيبر ۽ فتح ميزائل وڏي انگ ۾ اسرائيل تي فائر ڪيا ويا آهن.
ايراني سرڪاري خابرو اداري ارنا موجب، ايراني فوج اسرائيل جي شهر تل ابيب تي ڊرونز ذريعي حملو ڪيو ۽ چيو آهي ته ”دشمن جي اهم ٿاڪن تي حملن جو دائرو وڌيڪ واڌيو ويندو.“
پاسدارانِ انقلاب اِها به دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي ڏکڻ-اولهه واري سرحدي علائقي جي ويجهو هڪ آمريڪي F-15E جنگي جهاز کي نشانو بڻايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.