واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته وچ اوڀر جي جنگ ۾ روس اڻ سڌي طرح شامل ٿي ايران کي آمريڪي هدفن تي حملا ڪرڻ لاءِ ڳجهي ڄاڻ فراهم ڪري رهيو آهي.
آمريڪي ميڊيا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته روس ايران کي آمريڪي جنگي جهازن ۽ جهازن جي پوزيشنز مهيا ڪيون.
آمريڪي ميڊيا موجب، ايران جا آمريڪي فوجي هدفن تي حملا روسي ڄاڻ سبب وڌيڪ صحيح ثابت ٿيا ۽ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ روس ايران کي آمريڪي فوجي ٿاڪن جي ڄاڻ ڏئي رهيو آهي.
آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته آمريڪي فوجي ٿاڪن، ريڊار ۽ ڪمانڊ سينٽرز ايران جي نشاني تي آهن ۽ ايران جا حملا نهايت درست ۽ رٿابندي سان ڪيا پيا وڃن.
آمريڪي ميڊيا موجب، سي آءِ اي ۽ پينٽاگون روسي سهڪار تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته روسي سفارتخاني انٽيليجنس سهڪار بابت سوال تي جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو.
ٻئي پاسي آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته چين اڃا تائين ايران کي دفاعي مدد فراهم ڪندي نظر نه پيو اچي.