افغانستان جي اڳرائيءَ جو جواب عالمي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت ڏنو: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته 26 فيبروري جي رات افغانستان مان ٿيل دهشتگرد حملن ۽ طالبان حڪومت جي چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين جي جواب ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جوڳا ۽ اثرائتا آپريشنز ڪيا آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري پڌرائيءَ موجب، انهن ڪارروائين ۾ دهشت گرد تنظيمون ۽ سندن لاجسٽڪ مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو ، جنهن جي نتيجي ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي.
ترجمان موجب، اِهي قدم پاڪستان جي شهري ۽ علائقائي تحفظ لاءِ کنيا ويا آهن، جڏهن ته ڪارروائيون عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب آهن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن طالبان حڪومت يا ڪنهن دهشتگرد گروهه وڌيڪ چڙڏياريندڙ ڪارروائي ڪئي ته پاڪستان ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏيندو.
پاڪستان واضع ڪيو آهي ته هو علائقي ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو ۽ ڪيترائي ڀيرا سياسي ۽ سفارتي ذريعن سان مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر طالبان حڪومت ۽ ڀارت جي پٺڀرائي سبب دهشتگرد حملا وڌڻ لڳا.
پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته طالبان حڪومت تي دٻاءُ وجهن ته جيئن اها دهشتگرد گروپن جي حمايت بند ڪري ۽ عملي قدم کڻي.
پاڪستان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته ملڪ پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.