قومي سلامتي تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، پاڪستان حفاظت اسان جو فرض آهي: سهيل آفريدي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خبير پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته قومي سلامتي تي ڪائي سوديبازي نه ٿيندي، پاڪستان جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت اسان سڀ جو قومي فرض آهي.
پنهنجي بيان ۾ سهيل آفريدي چيو ته پاڪ-افغان سرحد تي چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين ۽ پرڏيهي جارحيت جي مذمت ڪريون ٿا.
هن چيو ته قومي سلامتي تي ڪو سمجھوتو نه ٿيندو، پاڪستان جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت اسان سڀ جو قومي فرض آهي، ڪنهن کي سرحدي علائقن جي سلامتي تي سوديبازي جي اجازت نه ڏينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪ-افغان ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ادارن سان مسلسل رابطي ۾ آهيون، سرحدي علائقن جي عوام جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، سرحدي ضلعن ۾ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ ضروري قدم کنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.