پاڪستان ۽ افغانستان ۾ موجود اسان جي شهرين، ادارن ۽ منصوبن جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي: چين

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته چين کي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار تي ڳڻتي آهي ۽ هو جاني نقصان تي ڏُکارو آهي.
جاري ڪيل بيان ترجمان چيو ته چين ٻنهي ڌرين کان مطالبو ڪري ٿو ته هو صبر جو مظاهرو ڪن، اختلافن ۽ تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪن ۽ جلد کان جلد جنگبندي ڪن.
ترجمان چيو ته چين پنهنجن چينلز ذريعي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرائيندو رهيو آهي ۽ بيجنگ هاڻي به لاڳاپن ۾ بهتري ۽ تڪرار ۾ گهٽتائي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
چين پاڪستان ۽ افغانستان کي چيو آهي ته ” ٻنهي ملڪن ۾ موجود چيني اهلڪارن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو وڃي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.