ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ وقت اهڙو آيو هو جڏهن کيس هندي فلم انڊسٽري ۾ تمام گهٽ ڪم ملي رهيو هو ۽ پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ لاءِ هن کي هالي ووڊ جو رخ ڪرڻو پيو.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي پريانڪا چوپڙا چيو ته فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ سولو ناهي، هي سياست ۽ لاڳاپن تي ٻڌل نظام آهي جتي ڪاميابي عارضي هوندي آهي.
سندس چوڻ هو ته بالي ووڊ کان هالي ووڊ جو سفر ڪرڻ کان اڳ کيس اهو محسوس ٿي رهيو هو ته وٽس ڪم جا محدود موقعا آهن ۽ هوءَ ذهني، جذباتي ۽ جسماني طور تي پاڻ کي بچائڻ لاءِ نئون رستو اختيار ڪرڻ چاهي پئي.
پريانڪا چوپڙا 2012 ۽ 2013 ۾ پنهنجي ميوزڪ ڪيريئر ذريعي هالي ووڊ ۾ قدم رکيو ۽ 2015 ۾ آمريڪي سيريز ڪوانٽيڪو ذريعي کيس ڪاميابي ۽ شهرت ملي.
اداڪارا پوڊ ڪاسٽ دوران ٻڌايو ته 2 سالن وارو پاپ اسٽار وارو تجربو هن لاءِ ٿڌڙي هير جي جهوٽي جهڙو ثابت ٿيو، جتي هوءَ اسٽوڊيو ۾ پٽ بل ۽ چين سموڪرزجهڙن فنڪارن سان ڪم ڪري ڏاڍو متاثر ٿي.
هن چيو ته هندي فلمن ۾ هوءِ پاڻ کي محدود محسوس ڪري رهي هئي، جڏهن ته ميوزڪ انڊسٽري کيس نئون موقعو فراهم ڪيو.
پريانڪا چوپڙا جي نئين فلم ” دي بلف“ ويجهڙائي ۾ پرائم وڊيو تي رليز ٿي آهي، جنهن ۾ هوءَ اڳوڻي سامونڊي ڌاڙيل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيڪا پنهنجي ڌيءَ جي حفاظت لاءِ هر حد اورانگهي وڃي ٿي .