ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ سريلنڪن ٽيم کي عوام طرفان سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ايتري قدر جو ڪپتان داشن شاناڪا کي اها تنقيد روڪرائڻ لاءِ حڪومت کان اپيل ڪرڻي پئجي وئي آهي.
سريلنڪن ڪپتان داشن شناڪا ناڪاري تنقيد ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومت کان مداخلت جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هر ڪو مائيڪ هٿ ۾ کڻي تنقيد ڪري رهيو آهي، حڪومت ان کي روڪي، ڇو ته ناڪاري تنقيد سبب رانديگرن جي ذهني حالت متاثر ٿي رهي آهي.
سريلنڪن ڪپتان چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ سٺو نه کيڏي سگهياسين، مداحن کان معافي گهران ٿو، رانديگرن جي فٽنيس تي سختي ڪرڻي پوندي، اهم رانديگر اَن فٽ ٿيا جنهن جو نقصان ٿيو.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ گذريل 25 هين فيبروري تي کيڏيل سُپر ايٽ جي اهم مقابلي ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو.