منهنجي بالنگ تي ڪوهلي وائڙو ٿي ويو هو: محمد عرفان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عرفان ڀارتي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي جو هڪ مزاحيه واقعو پنهنجن مداحن سان شيئر ڪري ڇڏيو.
اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عرفان هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي ميزبان کانئس پڇيو ته ويرات ڪوھلي بابت ڪو اهڙو واقعو ٻڌايو جيڪو توهان سڄي زندگي نه وساري سگهو.
محمد عرفان جواب ڏيندي چيو ته ڪيترائي واقعا آهن، هن چيو ته منهنجو ڊيبيو 2010ع ۾ ٿيو هو، پر جڏهن ان کانپوءِ ٻيهر واپس آيس ته ڀارت خلاف ميچ هئي.
عرفان جو چوڻ هو ته ڪوھلي منهنجي بالنگ بابت پنهنجي ڪوچ يا اسٽاف ميمبر کان پڇيو ته هي ڇوڪرو ڪهڙي قسم جي بالنگ ڪرائي ٿو؟ جنهن تي ڪوچ وراڻيو ته هن جي رفتار 130 کان 135 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين آهي، رڳو قد جو ڊگهو آهي، توهان آرام سان کيڏي ويندئو.
فاسٽ بالر محمد عرفان وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن ميچ شروع ٿي ته مون پهريون بال ڪرايو ته جنهن جي رفتار 146 هئي، ٻيو بال 147 جي رفتار سان ڪيو، جڏهن ته ٽيون بال 148 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلايو .
عرفان کِلندي چيو ته مان اهي لفظ هتي نٿو چئي سگهان جيڪي ويرات ڪوھلي ان وقت چيا هئا، هن وائڙو ٿي پنهنجي اسٽاف ميمبر کي گاري ڏني ۽ چيو ته” توهان ته چيو هو هي ميڊيم فاسٽ بالر آهي، هو اٽڪل 150 جي رفتار سان بال هلائي رهيو آهي، ڪوھلي جو واقعو ٻڌي پروگرام ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.