ميرپور ماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ميرپور ماٿيلي لڳ ڳوٺ رحيم بخش ڀڄڻ ۾ زهريلو پاڻي پيئڻ سبب 5 ٻار فوت ٿي ويا.
پوليس موجب فوتي ٻارن ۾ 3 سڳا ڀائر به شامل آهن، فوتين جي عمر 4 کان 11 سالن جي وچ ۾ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻارن راند دوران ڪپهه جي فصل کي اسپري ٿيندڙ دوا جي خالي بوتل ۾ پاڻي وجهي پيتو ۽ هڪٻئي پويان 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا.
اهو واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ پيش آيو هو، 4 ٻار اڳ ۾ فوت ٿي چڪا هئا، جڏهن ته هڪ ٻار اڄ فوت ٿيو، صحت کاتي جي ٽيم جاچ لاءِ متاثر ڳوٺ پهچي وئي.
You might also like