مائيڪ هيسن ڏاهو ڪوچ آهي هو بابراعظم کي استعمال ڪرڻ ڄاڻي ٿو: مائيڪل وان

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان پاڪستان جي هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن جي حڪمت عملي کي ساراهيندي چيو آهي ته هن بابر اعظم جي ڪردار کي ٽورنامنٽ دوران ڏاهپ سان سنڀاليو.
هڪ انٽرويو ۾ مائيڪل وان چيو ته هو اهڙن پرڏيهي ڪوچز جو قدر ڪري ٿو جيڪي پاڪستان ۾ ڪوچنگ جون ذميواريون قبول ڪندا آهن، ڇو ته اتي ڪم ڪرڻ سولو ناهي ۽ ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
هن پاڪستان جي پرڏيهي هيڊ ڪوچ جي واکاڻ ڪندي چيو ته مائڪ هيسن بابر اعظم واري معاملي کي شاندار نموني ۾ سنڀاليو آهي.
هن چيو ته ” واضح طور تي بابر کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي ۽ هيسن کيس بيڪ اپ پلان يا انشورنس پاليسي طور استعمال ڪري رهيا آهن.“
انگلش ڪپتان جو چوڻ هو ته ” جيڪڏهن شروع 2 وڪيٽون تڪڙيون ڪِري پون ته بابر چوٿين نمبر تي اچي اننگز کي سنڀالي سگهي ٿو ۽ ٽيم کي استحڪام فراهم ڪري سگهي ٿو.“
مائيڪل وان جو چوڻ آهي ته سريلنڪا جي ڪنڊيشن بابر اعظم جي راند لاءِ وڌيڪ موزون آهن.
سندس چوڻ هو ته اتي عام طور تي 150 کان 180 جو ٽوٽل ٺهندو آهي ۽ بابر ان حد ۾ رهندي ٽيم کي مستحڪم رنسون فراهم ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ”بابر سريلنڪا جي وڪيٽن لاءِ آئيڊيل رانديگر آهي، منهنجو خيال آهي ته هو پاڪستان کي 160 کان 170 رنسن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.“
پر مائيڪل وان پڻ اهو واضح ڪيو ته جيڪڏهن پِچ اهڙي هجي جتي 200 يا 210 رنسن جي ضرورت هجي ته بابر اعظم شايد ان رفتار سان اسڪور نه ڪري سگهندو.
هن چيو ته ” مون کي نٿو لڳي ته هو اهڙو جارح مزاج بيٽر آهي جيڪو اڪيلي سر ٽيم کي 200 کان وڌيڪ اسڪور تائين پهچائي سگھي.“
مائيڪل وان پالڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو ذڪر ڪندي چيو ته اهڙي پِچ تي هو بابر اعظم کي ٽيم ۾ ضرور شامل ڪندو، ڇو ته هو اسپنرز کي چڱي نموني کيڏي ٿو ۽ وچ وارن اوورن دوران اننگز کي سنڀالڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
هن چيو ته ” جيڪڏهن بابر جو اسٽرائڪ ريٽ 125 کان 130 جي وچ ۾ هجي ته اهو قبول ڪرڻو جوڳو آهي، شرط اِهو آهي ته ٻيا رانديگر تيز رفتاري سان مختصر اننگز کيڏن.“
مائيڪل وان چيو ته هو ذاتي طور تي ڪڏهن به پاڪستان ۾ پرڏيهي ڪوچ طور ڪم ڪرڻ نه چاهيندو، ڇاڪاڻ ته اها هڪ ڏکي ذميواري آهي، ان حوالي سان جيسن گليسپي سان به ڪيئي ئي ڀيرا ڳالهيون ٿيون.
هن چيو ” مائڪ هيسن، ٽيم ۽ مئنيجمينٽ مجموعي طور تي صورتحال کي تمام بهترين انداز ۾ سنڀاليو آهي ۽ هر فيصلي کي سوچ سمجهي ڪيو آهي.“
بابر اعظم جي بيٽنگ ۽ ڪيريئر بابت مائيڪل جو چوڻ هو ته ”بابر اعظم جي ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪيريئر کي ڊگهو ڪرڻ لاءِ بهترين ڳالهه اها هوندي ته هو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ڇڏي ڏيئي، ها پر جيڪڏهن هو ٽي ٽوئنٽي کيڏڻ چاهي ٿو ته پي ايس ايل جاري رکي.“
هن وڌيڪ چيو ته ” ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بابر اعظم ورلڊ ڪلاس رانديگر آهي، ٽي ٽوئنٽي کانسواءِ ٻين فارميٽس ۾ هو منهنجي ٽاپ 5 بهترين رانديگرن جي لسٽ ۾ شامل هوندو، ڳالهه رڳو ٽي ٽوئنٽي تائين آهي، ڇو ته هيءَ راند هاڻي گهڻي تبديل ٿي چڪي آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.