”منهنجي نه ته ٻئي ڪنهن جي به نه ٿيندينءَ“ بواءِ فرينڊ اسٽيج تي اچي ڪنوار کي گولي هڻي ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ بواءِ برينڊ شادي واري ڏينهن اسٽيج تي ڪنوار کي گولي هڻي فرار ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو بهار رياست ۾ پيش آيو، شادي جون خوشيون ان وقت ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، جڏهن ڪنوار آرتي ڪماري جي بواءِ فرينڊ اسٽيج تي اچي کيس گولي هنئي.
ميڊيا رپورٽن موجب اسٽيج تي گهوٽ ڪنوار کي گلن جا هار پارائڻ جي رسم جاري هئي ته ان دوران هڪ شخص آيو ۽ ڪنوار کي گولي هڻي فرار ٿي ويو.
ڪنوار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پوليس موجب جوابدار جو نالو دين بنڌو آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.