عليما خان ۽ فيملي جي محبت پنهنجي جاءِ تي پر پارٽي قيادت به عمران خان لاءِ هر هنڌ بيٺي آهي: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته تحريڪ انصاف ۾ ڪنهن قسم جا اندروني اختلاف يا فارورڊ بلاڪ ناهي ۽ سڀ عمران خان جي قيادت ۾ متحد آهن، مخالف ڄاڻي واڻي پارٽي ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته عليما خان عمران خان جي ڀيڻ آهي ۽ کيس پنهنجي ڀاءُ جي حوالي سان ڳڻتي ٿي سگهي ٿي پر پارٽي جي چونڊيل نمائندن جون قربانيون ڪنهن کان لڪل ناهن، عليما خان عمران خان جي ڀيڻ آهي پر مون کي پنهنجي ميمبرن تي فخر آهي، انهن کي عهدن، گاڏين ۽ ڪيس معاف ڪرڻ جي آڇ ڪئي ويندي آهي پر ڄمي بيٺا آهن.
هن چيو اسان فيملي کي به درخواست ڪنداسين ته توهان جي محبت پنهنجي جاءِ تي پر اسان جي عمران خان لاءِ محبت آئوٽ ڪلاس آهي، اسان کي وزارتن، چيئرمين شپ، ايتري تائين جو ڪيس ختم ڪرڻ جي به آڇ ڪئي وئي پر اسان سڀئي آڇون رد ڪري ڇڏيون ۽ خان صاحب سان گڏ رهياسين، هڪ ڏينهن ضرور ايندو جڏهن خان صاحب واپس ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.