بليڪ ميلنگ کان تنگ ڇوڪريءَ جوابدار کي وڊيو ڪال ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

قصور (ويب ڊيسڪ) قصور جي علائقي الهٰ آباد ۾ 22 ورهين جي ناري مبينا بليڪ ميلنگ کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو، جنهن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
جوابدار عامر تي شادي جو ڏٽو ڏئي بليڪ ميلنگ ۽ نازيبا وڊيوز ٺاهڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.
ايف آءِ آر جي متن موجب متاثر ڇوڪري کي وڊيو وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.
مقتولا جي ماءُ چيو ته اسان رشتو کڻي وياسين پر جوابدار جي والدين انڪار ڪري ڇڏيو.
گهر ڀاتين موجب 14 فيبروري تي ناري جوابدار عامر کي وڊيو ڪال ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڇوڪريءَ جي ڀاءُ جي فرياد تي جوابدار عامر ۽ سندس پيءُ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جلد حقيقتون سامهون اينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.