ڪراچي کي الڳ صوبو قرار ڏيڻ سنڌ سان ناانصافي آهي :پ پ پنجاب

لاهور (بيورو) سيڪريٽري جنرل پاڪستان پيپلز پارٽي همايون خان چيو آهي ته پنجاب حڪومت ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ تحفظات حل نه ٿيا آهن، حڪومت ٺاهڻ وقت جيڪي معاهدا ڪيا ويا هئا اهي اڄ به پورا نه ٿيا آهن، رياست اهڙي طرح نه هلندي آهي.  ، همايون خان چيو ته ڪراچي سنڌجو گاديءَ جو هنڌ آهي، ڪراچي کي الڳ صوبو قرار ڏيڻ سنڌ سان ناانصافي آهي. جيڪڏهن سنڌ جو گورنر ڪامران ٽسوري حڪومت ۾ قدم رکڻ چاهي ٿو ته کيس قانوني طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. همايون خان چيو ته پنجاب حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ خدشا ختم نه ٿيا آهن،

  1. بلاول هائوس ترجمان سريندر ولاسائي جي اوچتي استعيفيٰ سواليا بڻيل!

ڪراچي (رپورٽر) بلاول هائوس ڪراچي جي ترجمان سريندر ولاسائي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته کيس بلاول ڀٽو زرداري عهدي تان هٽايو آهي پر سريندر ولاسائي عوامي آواز سان ڳالهائيندي موقف اختيار ڪيو ته سندس صحت هاڻ اڳ جهڙي ناهي رهي، تنهن ڪري هن بلاول ڀٽو زرداري کي درخواست ڪئي ته ذميواري کان آزاد ڪيو وڃي. هوڏانهن سياسي ۽ ميڊيا حلقن طرفان ان اڳڀرائي کي مختلف نظر سان ڏٺو پيو وڃي ۽ اندروني فيصلن بابت اڳڪٿيون به جاري آهن.

  1. افغانستان ۾ دهشت گردن کي نشانو بڻائڻ تان دهشت گرد ردعمل ڏين ٿا:طلال چوڌري

 

اسلام آباد (بيورو) گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته جڏهن به پاڪستان افغانستان ۾ دهشت گردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي ٿو ته دهشتگرد ردعمل ڏين ٿا، خابرو اداري سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته سيڪيورٽي فورسز هاءِ الرٽ آهي ۽ ڪنهن به امڪاني حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، پاڪستان جڏهن به افغانستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري ٿو ته دهشتگرد ردعمل ظاهر ڪن ٿا، چوڌري چيو ته تازي دهشت گردي جي واقعن سان پاڪستان جو اهو موقف وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي ته دهشتگردن جا لاڳاپا افغانستان ۾ موجود آهن، گذريل هفتن دوران فورسز ڪيترائي حملا ناڪام بڻايا آهن ۽ افغان شهرين سميت ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽي ادارن سرچ ۽ انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته درجنين دهشتگردن، سندن سهولتڪارن ۽ ساٿين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

  1. بلوچستان اندر حملن ۾ 3 اهلڪار شهيد، ڪيچ ۾ 6 گهر ڀاتي قتل

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي ٻن ضلعن ۾ تشدد جي ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ ٽن سيڪيورٽي اهلڪارن سميت گهٽ ۾ گهٽ نو ڄڻا مارجي ويا ۽ چار زخمي ٿيا. مارجي ويلن ۾ ڇهه شهري به شامل آهن، جن کي ايران جي سرحد سان ملندڙ ڪيچ ضلعي ۾ نشانو بڻايو ويو. بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ٻنهي واقعن جي مذمت ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. سيڪيورٽي اهلڪارن کي افغانستان سان ملندڙ سرحدي شهر چمن جي ويجهو نشانو بڻايو ويو.ڪوئيٽا ڊويزن انتظاميا جي هڪ سينئر آفيسر چمن جي ويجهو سيڪيورٽي فورس اهلڪارن تي حملي جي تصديق ڪندي چيو ته اهلڪار روغاني روڊ تي هڪ گاڏي ۾ گذري رهيا هئا ته اڻڄاتل هٿياربندن انهن جي گاڏي کي نشانو بڻايو.سينئر آفيسر موجب حملي ۾ ٽي اهلڪار مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو. ڇهن ماڻهن جي قتل جو واقعو ڪيچ ضلعي جي بليدا علائقي ۾ پيش آيو. تربت ۾ هڪ پوليس آفيسر ظهير احمد چيو ته اڻڄاتل هٿياربند ماڻهن علائقي ۾ هڪ گهر کي نشانو بڻايو. مڪران ڊويزن ۾ هڪ ٻئي سينئر انتظاميه جي آفيسر پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي چيو ته عبدالحميد نالي هڪ شخص جي گهر کي ڳري هٿيارن سان نشانو بڻائڻ کان علاوه، اڻڄاتل ماڻهن علائقي ۾ فائرنگ پڻ ڪئي. اهلڪار چيو ته حملي ۾ هڪ عورت سميت ڇهه ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته ٽي ماڻهو زخمي ٿيا. فوتين ۾ ٻه ٻار به شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.