ڪراچي صوبو پنجاب اشرافيه جي خواهش آهي:آفاق احمد

ڪراچي(عوامي آوازنيوز)مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد چيو آهي ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي مطالبي کي مهاجر دشمني سمجهان ٿو،ڪراچي کي صوبو بڻائڻ پنجاب جي اشرافيه جي خواهش آهي،اها مهاجر قوم جي خواهش ناهي،ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مهاجرن جي پهرين تقسيم ان وقت ٿي جڏهن ڀارت کان ماڻهن جي لڏپلاڻ روڪي وئي، پاڪستان جي قيام واري تحريڪ انهن حصن ۾ هلي هئي جيڪي پاڪستان جو حصو نه هئا،پنجاب ۾ تڏهن مسلم ليگ کي هڪ سيٽ ملي هئي،پنجاب جي عوام مسلم ليگ جي ان موقف جي حمايت نه ڪئي هئي،ان جي ڀيٽ علي ڳڙهه،دهلي، آگره،يو پي،سي پي،بنگال،بهار ۾ پاڪستان لاءِ تحريڪ هلي هئي،هن چيو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۾ لڏپلاڻ بعد قائداعظم محمد علي جناح فرمايو ته جيڪي ماڻهو اتي آهن اهي ڀارت جي حڪومت جا وفادار بڻجي رهن،ان تي اسان کي وڏو ڏک ٿيو،هن چيو ته لياقت نهرو معاهدو 1955ع ۾ ٿيو هو،جنهن ۾ لياقت علي خان چيو هو ته هاڻي ڪو به پاڪستان ايندو ته ڀارت جو پاسپورٽ کڻي ايندو،جيڪڏهن انڊيا جي شهريت وٺڻي هئي اتان جو وفادار بڻجڻو هو ته هتان کان وڃي پاڪستان جو مطلب ڇا وارو نعرو ۽ 10 ڪروڙ ماڻهن لاءِ الڳ وطن جو دوکو ڇو ڏنو ويو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.