جيڪب آباد (عوامي آواز رپورٽ)پوليس اصل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان ڊڄي رهي آهي، ٽڪ ٽاڪر سارا بلوچ مڙس سميت پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب پهچي وئي، جيڪب آباد جي مشهور ٽڪ ٽاڪر سارا بلوچ پوليس طرفان اجتماعي زيادتي ڪيس ۾ اصل جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ کان پوءِ مڙس سميت پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب پهچي وئي، ٽڪ ٽاڪر سارا بلوچ چيو ته پوليس خادم جکراڻي، پيرڙو جکراڻي سميت ٻينجوابدارن کي اڃان تائين گرفتار نه ڪيو آهي، سارا بلوچ چيو ته پوليس مولابخش گلواڻي جکراڻي بابت اسان کي اڃان تائين ڪليئر ناهي ڪيو ته هي ساڳيو مولابخش آهي يا ڪو ٻيو آهي، پوليس اصل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، پوليس جي رويي مان لڳي ٿو ته هو جوابدارن کي فائدو رسائڻ چاهي ٿي، جيستائين پوليس سمورا جوابدار گرفتار نه ڪندي اسان جو پاڪ ڪتاب کڻي هتي احتجاج جاري رهندو.