ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي چيو آهي ته هن سال 29هين روزي تي شوال جو چنڊ نظر اچڻ جو ڪو امڪان ناهي ۽ رمضان المبارڪ جا 30 روزا ٿيندا.
موسميات کاتي موجب شوال جو چنڊ 19 مارچ تي نظر اچڻ جو امڪان ناهي، چنڊ جي پيدائش 19 مارچ صبح 6 لڳي 23 منٽن تي ٿيندي، سج لٿي وقت چنڊ جي عمر 12 کان 13 ڪلاڪ هوندي.
موسميات کاتي چيو آهي ته 19 مارچ تي چنڊ نظر اچڻ جو ڪو امڪان ناهي ۽ عيدالفطر 21 مارچ ڇنڇر تي ٿيڻ جو امڪان آهي پر ان حوالي سان حتمي اعلان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڪندي.
You might also like