27 هين ترميم بعد سپريم ڪورٽ جو آئين جي تشريح جو اختيار ختم ٿي ويو\آئيني عدالت

 اسلام آباد (م ڊ) وفاقي آئيني عدالت فيصلو ڏنو آهي ته 27 هين آئيني ترميم جي منظوري سان سپريم ڪورٽ جو آئين ۽ قانون جي تشريح جو اختيار ختم ٿي ويو آهي. جسٽس عامر فاروق، آئيني عدالت جي اختيارن بابت هڪ اهم فيصلي ۾ چيو ته 27 هين ترميم کان اڳ، قانون ۽ آئين جي تشريح جو اختيار سپريم ڪورٽ جو هو، نئين آئيني اسڪيم تحت، آئين ۽ قانون جي تشريح جو اختيار آئيني عدالت جو آهي. وفاقي آئيني عدالت جي فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آئيني عدالت قانون سازي جي آئيني حيثيت جو جائزو وٺي سگهي ٿي، ۽ وفاقي آئيني عدالت کي تشريح جي ڪنهن به ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪرڻ جو اختيار پڻ حاصل آهي. جسٽس عامر فاروق سيلز ٽيڪس ڪيس ۾ عدالتي اختيارن جو فيصلو لکيو، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو ته 27 هين ترميم سپريم ڪورٽ جي تشريح ۽ قانون سازي جي جائزي جي اختيار کي ختم ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.