لاهور(امداد سومرو)صدر آصف علي زرداري سموري راند کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، سازشن جو ڄار کولِي سامهون رکي ڇڏيو آهي ۽ گڏوگڏ خبردار به ڪيو آهي۔ ڪهڙي سازش هلي رهي آهي؟ صدر زرداري عام طور مختصر بيان جاري ڪندو آهن، پر هن ڀيري هڪ ڊگهو ۽ تفصيلي بيان جاري ڪيو ويو آهي۔ ان جي پٺيان پسمنظر سمجهڻ ضروري آهي۔2008 ۾ صدر زرداري چوندو هو ته پاڪستان کي عراق، افغانستان، شام يا لبنانجهڙي صورتحال ۾ ڌڪڻ جون سازشون ٿي سگهن ٿيون، هاڻي صورتحال اها آهي ته پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ هڪ اهڙي انتظاميا آهي، جنهن جو عالمي سطح تي مڪمل تسليم ٿيل رياستي ڍانچو به ناهي، ۽ اتي کان پاڪستان خلاف حملا جاري آهن۔ صدر زرداري سوال اٿاريو آهي ته عالمي برادري ڇو خاموش آهي؟ ڇو اتي ويٺل قابض طالبان کي مالي مدد ملي رهي آهي؟افغانستان ۾ ڪيترائي دهشتگرد گروهه موجود آهن، جن ۾ داعش خراسان،تحريڪ طالبان پاڪستان ،القاعده،ايسٽرن ترڪستان موومينٽ جماعت انصارالله،وغيره شامل آهن۔رپورٽ موجب انهن گروهن جي موجودگي پاڙيسري ملڪن لاءِ سخت خطرو آهي،ٻئي پاسي ٻاهرين ملڪ ويٺل صحافي شاهين صحبائي سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني فوج ۽ ايئر فورس جا هزارين آفيسر استعيفائون ڏئي چڪا آهن ۽ اندر انتشار آهي۔هن دعويٰ ۾ چيو ويو ته ڪيپٽن، ميجر، ليفٽيننٽ ڪرنل، ڪرنل ۽ ايئر فورس جا آفيسر وڏي انگ ۾ استعيفائون موڪلي چڪا آهن ۽ قيادت پريشان آهي پر سيڪيورٽي ذريعن جو موقف آهي ته هي دعوائون بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهن، جن جو مقصد ملڪ اندر انتشار پيدا ڪرڻ ۽ فوج خلاف شڪ پيدا ڪرڻ آهي.