ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته خالد مقبول صديقي ۽ مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس سندن آئين بابت ڄاڻ جي گهٽتائي ۽ لاعلمي جي واضح نشاني آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته انهن ٻنهي اڳواڻن آئين ۽ قانون جو سنجيدگي سان مطالعو نه ڪيو، ٻي صورت ۾ اهي اهڙا غير ذميوار بيان ڏيڻ کان پاسو ڪن ها.ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي هن چيو ته خالد مقبول صديقي ۽ مصطفيٰ ڪمال ٻئي وفاقي وزير آهن ۽ وفاقي وزيرن جي اهڙي بيان سان سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هي وفاقي حڪومت جي پاليسي آهي؟ هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت کان اميد ڪريون ٿا ته اھا وضاحت ڪري ته ان جا ٻه وفاقي وزير ۽ اتحادي پارٽي مسلسل سنڌ حڪومت خلاف پروپيگنڊا ۽ سازش ۾ مصروف ڇو آهن.هن وڌيڪ چيو ته گورنر هائوس آئيني عهدي جي علامت آهي ۽ ان کي صوبائي حڪومت خلاف سياسي ٽڪراءُ يا سرگرمين جو مرڪز نه بڻجڻ گهرجي. وفاقي حڪومت فوري طور تي انهن سڀني واقعن جي مقصد جي وضاحت ۽ سمورن محرڪن کي واضح ڪري.هن چيو ته ملڪ اڳ ئي سياسي ۽ معاشي چئلينجن مان گذري رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ دانشمندي ناهي.هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته گورنر هائوس هڪ آئيني ادارو آهي، جنهن جو ڪم وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي. اتي غير ضروري گڏجاڻيون نه ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته فاروق ستار جو گذريل ٻن ٽن سالن جو ڪيريئر سڀني جي سامهون آهي. هو هڪ عاجز ماڻهو آهي، ۽ نه خالد مقبول صديقي ۽ نه مصطفيٰ ڪمال کيس قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئا.