اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت صاف ۽ کليل موقف اختيار ڪري، افواهون گردش ۾ آهن ته هڪ کان وڌيڪ جهاز خريد ڪيا ويا آهن۔ اڪثريت پاڪستانين لاءِ گذريل ڪجهه سال ڏکيا رهيا آهن۔ غربت وڌي آهي ۽ معاشي سرگرمي تقريباً بيهي وئي آهي۔ اهڙي شاهاڻي فضول خرچي جو بلڪل به ڪو جواز ناهي،صابر شاڪر لکيو ته ”هڪ صفحو“ ئي ڦاٽي ويو،ملڪه عاليه لاءِ اسرائيلي جهاز خريد ڪيو ويو، ميڊيا ۾ هن تي ڇتي تنقيد هلي رهي آهي،هن چيو ته رپورٽ ملي آهي ته هي پروگرام ڊي جي جي جي منظوري سان ٽي وي چئنلن تي هليا آهن، جوابي حملي ۾ ملڪه عاليه ڪنگ شاهه جي جهاز بابت پڻ ٻڌايو، ته هڪ نه، پر ٻه اسڪينڊل آهن،صحافي عباس ناصر لکيو ته اسان مان ڪجهه حڪمران پنهنجا (انتهائی مهانگا برانڊس) لڪائي نه سگهيا، ۽ سوچيو ته اهي 19 سيٽر G500 جهاز لڪائي سگهندا؟ هي انهن جي غرور يا اڻڄاڻائي يا ٻنهي جو ثبوت آهي،هن چيو ته جڏهن پهرين خبر سامهون آئي ته دفاع اهو ڪيو ويو ته هي ‘پنجاب ايئر’لائينز لاءِ پهرين خريداري آهي. پوءِ ٻي پارٽي جي اهم اڳواڻ چيو ته ڏسو، قطر ايئر ويز وٽ به ايگزيڪيوٽو جيٽ چارٽر سروس آهي،شهباز گل چيو آهي ته هڪ نه ٻه جهاز خريد ڪيا ويا آهن،ٻيو جهاز ملڪ جي طاقتور ترين شخصيت لاءِ آهي.