پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ ڀاڱي ڀائيوار آهن: زين شاهه

ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ پاران پريس ڪلب ڄامشورو جي صحافين جي اعزاز ۾ ايم سيد ايڊيفس تي افطار تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي هن غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي لساني تڪرار جي حمايت نٿا ڪريون ۽ اهڙين سازشن ۾ ملوث ڌرين جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن الزام هنيو ته گورنر هائوس کان سنڌ اسيمبلي تائين ٿيندڙ معاملن ۾ ڪجهه پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ ڀاڱي ڀائيوار آهن.  سندس چوڻ هو ته سنڌ کي ورهائڻ جي هر ڪوشش جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. سيد زين شاهه چيو ته صوبي جا وسيلا وفاق حوالي ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته امن امان جي نالي تي وڏي نفري موجود هجڻ باوجود بدامني ۽ منشيات جا مسئلا برقرار آهن. هن وڌيڪ چيو ته ادارن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ سبب عوام کي ڪو فائدو نٿو ملي. ايس يو پي معاشي بهتري لاءِ پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا چاهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.