خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني دوران خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد چانڊيا موڙ واري علائقي ۾ پوليس اهلڪار تي ڀتا خوري جو الزام سامهون آيو آهي. متاثر نينگر مير محمد شيخ داهيندي الزام هنيو آهي ته پوليس عملدار جبار ڦلپوٽو هفتي وار پنج هزار رپيا منٿلي طلب ڪئي، نه ڏيڻ تي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هن دعويٰ ڪئي ته اهلڪار نه رڳو مارڪٽ ڪئي پر پڪوڙن جي دڪان جا شيشا پڻ ٽوڙي نقصان پهچايو ۽ پوءِ فرار ٿي ويو. متاثر جو چوڻ آهي ته هو غريب ماڻهو آهي ۽ منٿلي ڏيڻ جي سگهه نٿو رکي، تنهن ڪري کيس نشانو بڻايو ويو. هن ايس ايس پي خيرپور کان واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي پاسي پوليس طرفان واقعي بابت ڪا باضابطه موقف سامهون ناهي آيو، جڏهن ته علائقي واسين به معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي نينگر جون تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿيون جنهن ۾ هو پوليس اهلڪار تي تشدد ۽ رقم طلبي جو الزام هڻندي ڏسي سگهجي ٿو، نينگر جا ڪپڙا ڦاٽل نظر اچن ٿا. سول سوسائٽي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي نينگر کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
-
ڪراچي ۾ رشوت نه ڏيڻ تي پوليس اهلڪارن جو شهري مٿان تشدد
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ شاهين فورس جي اهلڪارن هڪ شهري انور علي کي روڪي رشوت طلب ڪئي، جڏهن ته رشوت ڏيڻ کان انڪار تي هن تي مبينا طور وحشياڻو تشدد ڪيو، اهلڪارن شهري کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته توکي هاف فراءِ ڪيو ويندو، شهري جي موبائل ۽ موٽر سائيڪل جا دستاويز به قبضي ۾ ورتا ويا، متاثر شهري پنهنجي شڪايت تي ايس ايس پي ڊسٽرڪٽ سينٽرل ڊاڪٽر عمران خان ڊي ايس پي لياقت آباد کي انڪوائري جو حڪم ڏنو، تشدد سبب شهري جا ٻه روزا به متاثر ٿيا ۽ پوليس جي هٿان بلاجواز گرفتار ٿيڻ جي اطلاع تي شهري جا وارث، پاڙي وارا ۽ وڪيل وڏي انگ شريف آباد ٿاڻي تي پهتا، شهري پنهنجي ايم ايل ليٽر سان عباسي شهيد اسپتال ۾ ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو، جتي جسم تي تشدد جا واضح نشان ڏٺا ويا، ڊي ايس پي وسيم احمد ٻڌايو ته متاثر شهري کان تفصيل ورتا ويندا ۽ الزامن جي غيرجانبداراڻا جاچ ڪري رپورٽ تيار ڪئي ويندي.