سنڌ جي ماڻهن اسان کي سنجيده وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي: ڪامران ٽيسوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن اسان کي سنجيده وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
گورنر هائوس ۾ افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته هتي ڪجهه ماڻهو سياسي فيڪٽريون لڳائي ويٺا آهن، اهي ڪنهن به معاملي کي سياسي بڻائي ڇڏيندا آهن.
هن چيو ته اسان درست رستي تي هلي رهيا آهيون ۽ هلندا رهنداسين، سنڌ جي ماڻهن اسان کي سنجيده وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي مستقبل تي هڪ ڪانفرنس ڪئي هئي، جيڪڏهن ڪجهه ڪرڻو آهي ته ڪوشش ڪيو سازش نه ڪيو، ڪوشش ڪامياب ٿيندي آهي سازش ڪڏهن ڪامياب ناهي ٿيندي، اڃا ته پارٽي شروع ٿي آ.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.