ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي اهم ميچ برسات سبب ختم ڪئي وئي.
ڪولمبو ۾ پاڪستان جي ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو پر مسلسل برسات سبب هڪ بال جي راند به نه ٿي سگهي ۽ امپائرن ميچ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
برسات سبب ميچ نه ٿيڻ تي ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ڏني وئي.
واضح رهي ته سپر ايٽ ۾ سڀاڻي انگلينڊ جي ٽيم سريلنڪا ۽ ڀارت جي ٽيم ڏکڻ آفريقا سان مهاڏو اٽڪائيندي.
پاڪستان سپر 8 ۾ پنهنجي ٻي ميچ 24 فيبروري تي انگلينڊ خلاف کيڏندو.
You might also like