پاڪستانين جي فيملي ٽري ۾ سوين افغاني شهرين جي موجودگيءَ جو انڪشاف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستانين جي فيملي ٽري ۾ سوين افغانين جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي.
نادرا جعلي پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ افغان شهرين خلاف حتمي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، جعلسازي ذريعي پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪندڙ شڪي ماڻهن کي نادرا طلب ڪري ورتو آهي.
نادرا شروعاتي طور تي راولپنڊي جي 833 ڄڻن کي پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪيا آهن، انهن کي 7 ڏينهن ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
نادرا ذريعن موجب ڄاڻايل ماڻهن تي جعلسازي سان پاڪستان شهرين جي فيملي ٽري ۾ شامل ٿيڻ جو الزام آهي، شڪي سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙن کي فون ڪال ۽ پيغامن ذريعي اطلاع به ڏنو ويو آهي.
نادرا ذريعن جو چوڻ آهي ته نوٽيس جاري ڪري سڀني شڪين کان موقف ورتو ويندو ۽ اختيارين سامهون پيش نه ٿيندڙن جي پاڪستاني شهريت ختم ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.