”پي آءِ اي 10 اربن ۾ کپيو ۽ پنجاب حڪومت 11 اربن جو جهاز وٺي ڇڏيو“

جهلم (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پي آءِ اي 10 اربن ۾ کپيو ۽ پنجاب حڪومت 11 اربن جو جهاز وٺي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پنجاب حڪومت مناسب جهاز به وٺي پئي سگهي پر 11 اربن جو لگزري جهاز ورتو ويو، جيتريون سيٽون ن ليگ اليڪشن ۾ کٽيون، ايترين ئي سيٽن جو جهاز ورتو ويو آهي.
هن چيو ته ملڪ ۾ بادشاهت جو نظام هلي رهيو آهي، جاتي امرا جي ڀت به سرڪاري خرچ سان ٺهرائي وئي آهي، اهي عوام جي مال کي وراثت جو مال سمجهي خرچ ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.