عليما خان اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت کي دلچسپ ڊيل آڇي ڇڏي

راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي، عليما خان اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت کي هڪ مشروط آڇ ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن عمران خان کي فوري طور تي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو وڃي ۽ سندس خاندان ۽ ذاتي ڊاڪٽر جي موجودگي۾ علاج جي اجازت ڏني وڃي ته پوءِ هوءَ ڪجهه شخصيتن جا نالا وٺڻ بند ڪري ڇڏيندي. هن موقف اختيار ڪيو ته عمران خان جي رت جي ٽيسٽ ۽ پمز رپورٽون عام نه ڪيون پيون وڃن، جنهن ڪري خدشا وڌي رهيا آهن. عليما خان گهرو وزير محسن نقوي تي واعدا ٽوڙڻ جو به الزام لڳايو ۽ چيو ته جيڪڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيسن جي فوري طور تي ٻڌڻي ڪئي وڃي ته عمران خان جي آزادي ممڪن آهي. هن چيو ته جيئن ئي ضمانت ملندي، عمران خان کي شفا انٽرنيشنل منتقل ڪيو ويندو ۽ سندس اکين جو علاج ڪيو ويندو. هن مطالبو ڪيو آهي ته عمران خان کي فوري طور تي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪيو وڃي. هن چيو ته طبي معائنو خاندان ۽ ذاتي ڊاڪٽر جي غير موجودگي ۾ ڪيو ويو، جنهن تي هن کي سخت خدشا آهن. هن چيو ته عمران خان کي اسپتال ڇو منتقل نه ڪيو پيو وڃي. عليما خان موجب، جڏهن هن جي ڀيڻ هن سان جيل ۾ ملي هئي، ته عمران خان پيغام ڏنو ته اهي مون کي ختم ڪري ڇڏيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.