ڪراچي (پ ر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ۽ نائب صدر رضوان نيازي شهر جي آبادي واري علائقي سولجر بازار جي گل رعنا ڪالوني ۾ گئس سلينڊر ليڪيج سبب ٿيندڙ خوفناڪ ڌماڪي ۾ 16 ماڻهن جي فوت ٿيڻ واري المناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گل رعنا ڪالوني جو هي سانحو سنڌ حڪومت ۽ ڪي ايم سي جي مجرماڻي غفلت ۽ ناقص نگراني جو نتيجو آهي، شهر ۾ بنا اجازت هلندڙ گئس سلينڊر ري فلنگ جا دڪان مسلسل خطرو بڻيل آهن، جن خلاف فوري ۽ اثرائتي ڪاروائي هاڻ انتهائي ضروري ٿي چڪي آهي، حليم عادل شيخ چيو ته 16 قيمتي جانيون وڃائجي وڃڻ قومي سانحو آهي، جنهن جا ذميوار فوري طور سڃاڻپ ڪري انهن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. هن مطالبو ڪيو ته غير معياري ۽ خطرناڪ سلينڊر ري فلنگ پوائنٽن خلاف فوري ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو رياست جي اولين ذميواري آهي، رضوان نيازي چيو ته ڪراچي ۾ غير قانوني سلينڊر ري فلنگ مرڪز آخر ڪنهن جي سرپرستي هيٺ هلن پيا؟، حڪومت فوري وضاحت ڏئي. هن مطالبو ڪيو ته عوام جي جانن سان کيڏندڙن خلاف مثال بڻجندڙ ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ سانحي جي غير جانبدارانه ۽ شفاف جاچ ڪرائي رپورٽ منظر عام تي آندي وڃي، پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻن فوت ٿيلن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته متاثر خاندانن کي فوري مالي مدد فراهم ڪئي وڃي ۽ سمورن زخمين جي مڪمل ۽ بهترين مفت علاج کي يقيني بڻايو وڃي.