مهانگائي جي طوفان عام ماڻهو کان خوشيون کسي ڇڏيون آهن: ڪاشف سعيد

لاڙڪاڻو (پ ر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته ٽيڪسن جي ڀرمار ۽ مهانگائي جي طوفان عام ماڻهو کان خوشيون کسي ڇڏيون آهن، حڪومت صرف پيٽرول تي 100 ۽ ڊيزل تي 95 رپيا في لٽر ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي، جڏهن ته بدلي ۾ عوام کي ڪو بهرليف نٿو ملي. تعليم، امن، صحت جون سهولتون حتيٰ زندگي جي اهم ضرورت پاڻي به ماڻهو پاڻ خريد ڪن ٿا، جيڪو ظلم ۽ ناانصافي جي انتها آهي.غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ۽ فلاحي ڪمن ۾ خرچ ڪيل هر روپيو دراصل آخرت جي ڪاميابي جي بهترين سيڙپڪاري آهي. موجوده معاشي حالتن ۾ بيشمار سفيد پوش ۽ بي سهارا خاندان سخت  ڏکيائين جو شڪار آهن، الخدمت فائونڊيشن جي تحت لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل ڊونرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪاشف سعيد چيو ته  الخدمت فائونڊيشن بنا رنگ، نسل، مسلڪ ۽ سياسي وابستگي جي فرق جي انسانيت جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي. تعليم، صحت، صاف پاڻي، يتيم ٻارن جي ڪفالت، بيوهن جي امداد ۽ هنگامي حالتن ۾ رليف سرگرمين ذريعي لکين ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، سفيد پوش طبقو سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ٿيندو آهي، جيڪو سوال نٿو ڪري پر سخت مشڪلاتن جو شڪار هوندو آهي، الخدمت اهڙن خاندانن تائين عزتِ نفس جي تحفظ سان مدد پهچائي رهي آهي. هن مخير حضرات تي زور ڏنو ته هو زڪوات، صدقات ۽ عطيات ذريعي هن نيڪ ڪم ۾ وڌ چڙه ڪري حصو وٺن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.