نوجوان ڳالهه سمجھن نه ٿا، سڀني کي نوڪريون نٿا ڏئي سگهون\سردار شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ درسي ڪتابن جي ڇپائي جو مقرر ڪيل هدف ڪاميابي سان مڪمل ڪندي تعليمي سال 27-2026 لاءِ 52 لک درسي ڪتابن جا سيٽ تيار ڪري ورتا، سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ڪتابن جي ورهاست جي عمل جو باقاعداافتتاح ڪندي چيو ته نئين تعليمي سال جي پهرين ڏينهن هر شاگرد جي هٿ ۾ نئون ڪتاب هوندو، ٻارن تي نصابي بار گهٽائڻ ۽ معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ استادن ۽ تعليمي ماهرنِ جي صلاح مشوري سان درسي ڪتابن جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو، تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار شاهه چيو ته نوجوان ڳالهه سمجھن نه ٿا، سڀني کي نوڪري نٿا ڏئي سگهون، چاهيان ٿو ته رستو نڪري پر نڪري نٿو، ڇا ڪجي؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تعليم کاتي ۾ 40 کان مٿي مارڪون کڻندڙ اميدوارن جو انگ 18 کان 20 هزار آهي، اسان وٽ نوڪريون 7 سئون آهن، ويٽنگ پيرڊ وڌايو به وڃي ته ڇا ٿيندو؟ وڌ ۾ وڌ هڪ سئو يا ڏيڍ اميدوار ڀرتي ٿي سگهندا، ويٽنگ اميدوارن جي ڀرتي لاءِ چاهيان ٿو ته رستو نڪري پر ممڪن ناهي. سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سنڌ زاهد علي عباسي چيو ته يونيسڪو سنڌ جي نصاب کي ”موسٽ انڪلوسو“ قرار ڏنو آهي، نصاب کي ”لرننگ ٽو ارننگ“ مڪينزم مطابق بڻائڻ لاءِ ڪم جاري آهي ته جيئن ٻارن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب مهارتون مهيا ڪري سگهجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.