ڄامشورو (رپورٽ: صدرالدين جوڻيجو) سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس توڙي بوائلز هاسٽل ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان سياسي پارٽي سان لاڳاپيل ٻن شاگرد ڌرين ۾ جهيڙو، هڪٻئي جي آفيسن کي باھ ڏئي ساڙڻ واري عمل بعد ڇڪتاڻ وارو ماحول برقرار آهي، ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، يونيورسٽي انتظاميا طرفان ڪن لاٽار سبب گذريل رات به شديد هوائي فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، ٻه ڏينهن اڳ حڪومتي جماعت پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ شاگرد ونگ سپاف جي آفيس تي حملو ڪري آفيس کي باھ ڏئي ساڙڻ واري واقعي بعد گذريل رات سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي شاگرد ونگ سياف جي آفيس کي پڻ باھ لڳائڻ وارو واقعو سامهون آيو، جنهن بعد ٻنهي شاگرد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، سياف جي آفيس کي باھ لڳائي ساڙڻ واري عمل ۾ ملوث ماڻهن توڙي ڊائريڪٽر سيڪورٽي رفيق بروهي خلاف قومپرست جماعتن سان تعلق رکندڙ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري ھاسٽلن جو مک گيٽ بند ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن آفتاب سنڌي، علي شنباڻي، اشفاق پليجو جو چوڻ ھو ته رات دير سان ڪجھ سرڪاري ڌر سان لاڳاپيل شاگرد ونگ جي ماڻهن ھاسٽل اندر فائرنگ ڪري ڏھڪاءُ پکيڙي سياسي قيادت جي تصويرن ۽ يپنافليڪس توڙي ڪتابن جي بيحرمتي ڪري ساڙيو ويو، ھنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي سيڪيورٽي ڊائريڪٽر رفيق بروھي جي نااھلي جي ڪري ھٿيار ھاسٽلن اندراچي رهيا آهن، جتي فائرنگ ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي، ھتي عام شاگرد جي سخت چيڪنگ ڪئي وڃي ٿي پر اھي ھٿياربند ماڻھو سرعام ھاسٽل گيٽ مان اندر اچن ٿا، جنهن جو ذميوار ھتان جو سيڪيورٽي ڊائريڪٽر رفيق بروھي آهي، جيڪو ھتي ڪجھه ھٿياربند گھرائي سنڌ يونيورسٽي جي ھلندڙ پرامن ماحول کي خراب ڪري شاگردن ۾ خون ريزي ڪرائڻ چاھي ٿو. ھنن مطالبو ڪيو ته فائرنگ ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي پاسي حڪومتي ڌر جي شاگرد اڳواڻن هالار جمالي ۽ ٻين الزام هنيو ته قومپرست جماعت جي شاگرد ونگ اسان جي سياسي آفيس تي حملو ڪري آفيس کي باهيون ڏئي قيادت جا پوسٽر پڻ ساڙي ڇڏيا آهن، قانوني ڪارروائي کان بچڻ لاءِ سندن آفيس کي باھ جو ڊرامو رچايو ويو آهي، مخالف شاگرد ونگ شاگردن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ بجاءِ مافيائي سهولت ڪار بڻجي وئي آهي.
-
بوائز هاسٽل وٽ ڌرڻو هڻندڙ شاگردن مٿان ڪيس داخل
ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌ يونيورسٽي جي بوائز ھاسٽل وٽ ڌرڻو ھڻندڙ قوم پرست شاگردن مٿان ڪالھ بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيسداخل ڪيو ويو, ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي جي قوم تنظيمن جي ڌڙن جساف آريسر جسقم اي ۽ بي مٿان ڄامشورو بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل پاڪستان خلاف گڏجاڻي سالميت کي نقصان پھچائڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آھن ان حوالي سان بي سيڪشن ٿاڻي تي اي ايس آ# سلطان ابڙو جي فرياد تي شاگرد قوم پرست اڳواڻن نظير کوسو علي نواز عرف علي شباڻي يوسف جکراڻي پير بخش صمد چنا سجاد اوٺو اياز ڪريو عامر ڪريو ۽ 3/4 نامعلوم ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪندي ڄاڻايو ويو آھي اھي شاگرد اڳواڻ سي سي لان ۾ پاڪستان جي خلاف ھڪ گڏجاڻي ڪري رھيا ھئا ان خلاف نعريبازي ڪري رھيا ھئا ان دوران شاگرد پوليس کي ڏسي ھاسٽلن طرف فرار ٿي ويا آھن جنھن بعد اسان ٿاڻي تي پھچي انھن خلاف ڪيس گناھ نمبر 37 2026 تحت قلم U/S 123A 147/149 شامل ڪيو ويو آھي.