لکي غلام شاھ (رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاھ لڳ مهر هائوس وزير آباد ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين جو نيبرو، پراڻي زمين جي تڪرار تان هلندڙ مورخان جوڻيجو ۽ غلام رسول جوڻيجو واري ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو نيبرو ڪيو ويو،نيبرو اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش خان مھر ۽ ذوالفقار ڪماريو جي سرپئنچي هيٺ ڪيو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڌرين جا هڪئي مٿان 4 خون 12 زخمي ثابت ٽوٽل 2 ڪروڙ 9 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي، مور خان واري ڌر جا هڪ خون 10 زخمي 39 لک 50 هزار مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته غلام رسول واري ڌر جا 3 خون هڪ زخمي ڀڃڪڙي اڳ جو رهيل ڏنڊ هڪ ڪروڙ 70 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڌرين پاران موقعي تي هڪ هڪ لک جمع ڪرايو ويو باقي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ٿي ويون، نيبري ۾ اظهر خان ڪماريو نجف خان ڪماريو سردار محمد خان جوڻيجو، ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، امتياز خان جوڻيجو، نصرﷲ خان دل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.