واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ گذريل سال ٿيل جنگ دوران 11 جهاز ڪيرايا ويا. بورڊ آف پيس جي پهرئين اجلاس کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر وزيراعظمشهباز شريف بابت چيو ته مان کيس پسند ڪريان ٿو، منهنجو ساڻس ۽ سندس عظيم فيلڊ مارشل سان تعارف تڏهن ٿيو جڏهن جنگ هلي رهي هئي. پوءِ جڏهن منهنجي ساڻس ملاقات ٿي ته هن منهنجي چيف آف اسٽاف سامهون چيو ته مان سمجهان ٿو ته صدر ٽرمپ اسان جي ۽ ڀارت جي جنگ روڪي اڍائي ڪروڙ ماڻهن جي زندگين کي بچايو. مان ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن کي فون ڪئي، مان وزيراعظم نريندر مودي کي سٺي نموني سڃاڻان ٿو جڏهن ته پاڪستان کي مان ٿورو گهڻو واپار جي حوالي سان سڃاڻيندو هيس. مان وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل کي پسند ڪريان ٿو، هو ڪافي سٺو جنگجو آهي. مان سٺن جنگجوئن کي پسند ڪندو آهيان. هن چيو ته مان هڪ اخبار کنئي جنهن ۾ لکيل هو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ جاري آهي ۽ پوءِ شيون خراب ٿينديون ويون، ڪيترائي جهاز ڪيرايا ويا. مان ٻنهي کي فون ڪئي ۽ چيو ته جيڪڏهن اوهان جنگ نٿا روڪيو ته مان ٻنهي سان واپاري معاهدا نه ڪندس. ٻنهي چيو ته نه نه، ٻئي پوئتي هٽي ويا. مان چيو ته مان ٻنهي تي 200، 200 سيڪڙو ٽيرف لڳائي ڇڏيندس ۽ ڪاروبار نه ڪري سگهندا. ان تي انهن مان هڪ چيو ته نه ائين نه ڪريو، مان ان جو نالو نه کڻندس. ٽرمپ وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته اها وڏي ڳالهه هئي، ماڻهن کي ان جو اندازو ناهي. هي وڙهي رهيا هئا ۽ 11 جهاز ڪيرايا ويا هئا جيڪي مهانگا هئا. ٽرمپ پنهنجي خطاب دوران بورڊ آف پيس جي قيام لاءِ 10 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو جنهن جو شروعاتي ڌيان غزا تي ڏنو ويندو. ٽرمپ سڄي دنيا مان 24 کن اتحادن جي واشنگٽن ۾ آجيان ڪئي. هن اعلان ڪيو ته آمريڪا هن مصنوبي لاءِ 10 ارب ڊالر فراهم ڪندو. هن قدم جي هدفن ۾ غزا جي نئين سر تعمير شامل آهي، جيڪو اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ 2 سالن تائين جاري رهندڙ جنگ جي نتيجي ۾ ملبي جو ڍير بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته قازقستان، آذربائيجان، متحده عرب امارات، مراڪش، بحرين، قطر، سعودي عرب، ازبڪستان ۽ ڪويت اهي ملڪن آهن جيڪي هن قدم لاءِ مالي واعدا ڪري رهيا آهن. عطيو ڏيندڙن جا ٿورا مڃيندي سندس چوڻ هو ته خرچ ٿيندڙ هر ڊالر استحڪام ۽ هڪ نئين ۽ هم آهنگ خطي جي اميد ۾ سيڙپڪاري آهي. جيتوڻيڪ هي رقم نمايان آهي پر ٻن سالن جي جنگ کانپوءِ تباهه حال فلسطيني علائقي جي نئين سر اڏاوت لاءِ گهربل اندازن 70 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ رڳو هڪ حصو آهي. آمريڪا طرفان وڏي پئماني تي فوجي تيارين باوجود صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران سان سٺي ڳالهه ٻولهه جاري آهي. آمريڪي صدر حل ڪيل تڪرارن جي دعويٰ ڪندي چيو ته ايران، هن وقت هڪ حساس معاملو آهي، سندس نمائندن جون ايراني عملدارن سان دلچسپ ملاقاتون ٿيون آهن. ايران جي حوالي سان آمريڪي صدر چيو ته ايران سان معاهدو ڪرڻ چاهيون ٿا، ايران کي ڪنهن صورت ايٽمي هٿيار رکڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، وچ اوڀر ۾ امن لاءِ ايران کي ايٽمي هٿيار رکڻ نه ڏينداسين، تقريبن 1ڏ ڏينهن ۾ ايران جي حوالي سان خبر پئجي ويندي، اسان کي ايران سان ڪجهه ڪم ڪرڻو آهي، ايران لاءِ هاڻي وقت اچي ويو آهي، هو اسان سان امن جي رستي تي هلي، ايران کي معاهدو ڪرڻو پوندو نه ته نتيجا خراب هوندا. ٽرمپ چيو ته اهڙو غزا چاهيون ٿا جنهن تي مناسب طريقي سان حڪومت هجي، اهو نه سوچينداسين ته جنگ لاءِ فوج موڪلڻ ضروري هوندي، ائين لڳي ٿو ته حماس هٿيار ڦٽا ڪندي، غزا هاڻي وڌيڪ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو ڳڙهه نه رهندو. ڪجهه دير ۾ گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس سان ڳالهائيندس. اهو يقيني بڻائينداسين ته گڏيل قومون قابل عمل رهن. گڏيل قومون پنهنجي صلاحيت موجب ڪم ڪنديون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عزا بورڊ آف پيس جي اجلاس کي خطاب ڪندي سڀني شريڪ ٿيلن جا ٿورا مڃيا. اجلاس ڊونلڊ ٽرمپ انسٽيٽيوٽ آف پيس ۾ ٿيو جتي سعودي پرڏيهي وزير، آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، وزيراعظم شهباز شريف، انڊونيشيا، قطر، يو اي اي، آذربائيجان ۽ غزا بورڊ آف پيس جي ٻين ميمبر ملڪن شرڪت ڪئي. هي اجلاس جنگ بندي کانپوءِ غزا جي انتظامي ۽ بحالي معاملن جي نگراني لاءِ ڪوٺايو ويو. اجلاس کي بورڊ آف پيس ۾ شامل مختلف ملڪن پڻ مختصر تقريرون ڪيون. اجلاس ۾ چين، روس، برطانيا سميت سلامتي ڪائونسل جا ميمبر ملڪ موجود نه هئا. وزيراعظم شهباز شريف جو اجلاس کي خطاب ڪندي چوڻ هو ته غزا پيس بورڊ جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت فخر جوڳي آهي، غزا ۾ جٽادار امن اسان جو مشن آهي. هن چيو ته دعا آهي ته غزا ۾ جٽادار امن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون، وچ اوڀر ۾ امن لاءِ اڄوڪو ڏينهن تاريخ جو سونهري بابت آهي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب فلسطينين کي سندن حق ڏنو وڃي، آزاد ۽ خودمختيار رياست فلسطينين جو حق آهي، جٽادار امن لاءِ غزا ۾ جنگ بندي جون ڀڃڪڙيون بند ٿيڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته تڪرارن جي حل لاءِ ٽرمپ جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، صدر ٽرمپ وقت سر مداخلت ڪري پاڪ، ڀارت جنگ روڪي، پاڪ، ڀارت جنگ بندي سان هزاري قيمتي جانيون بچيون صدر ٽرمپ ڏکڻ ايشيا کي وڏي تباهي کان بچايو.