92ع جي ورلڊ ڪپ جو ذڪر: ائين نه ٿئي جو ”کنڀجي“ وڃو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ بدنام ڇوٽو گينگ جي سربراهه غلام رسول ۽ ٻين جوابدارن جي سزائن خلاف اپيلن جي ٻڌڻي دوران دلچسپ ڳالهه ٻولهه ڏسڻ ۾ آئي. ٻه رڪني بينچ جي سربراهي جسٽس ملڪ شهزاد ڪري رهيو هو جڏهن ته جسٽس عقيل عباسي پڻ موجود هو. ٻڌڻي دوران وڪيل سردار عثمان رمضان ۾ تاريخ ڏيڻ جي درخواست ڪندي چيو ته پاڪستان ان مهيني ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 1992 کٽيو هو. ان تي جسٽس عقيل عباسي رمارڪس ڏنا ته هن ورلڊ ڪپ جو ذڪر نه ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته جسٽس ملڪ شهزاد مرڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهن کي ان جو ذڪر ڪرڻ ناهي وڻندو، (اوهان کي) پهريان ته نه کنيو ويو، ائين نه ٿئي جو هاڻي ڪجهه ٿي پوي. ڇوٽو گينگ جي وڪيل چيو، چيمپيئن ٽرافي به ته رمضان ۾ کٽي وئي. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 7 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

  1. ڪراچي ۾ نوجوان کي چوري الزام ۾ تشدد ڪري مارڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) گلستانِ جوهر بلاڪ ون ۾ عمارت جي ويجهو ملڻ واري تشدد ٿيل لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي، پوليس موجب شروعاتي جاچ موجب معلوم ٿيو ته لاش مزمل شاهه جو آهي، جيڪو مبينه طور چوري لاءِ واڙي ۾ داخل ٿيو هو، تشدد ۾ ملوث واڙي جي مالڪ ۽ ٽن ملازمن کي گرفتارڪيو ويو،پوليس موجب تشدد کان پوءِ جوابدارن مقتول جي ڀاءُ کي فون تي واقعي بابت ٻڌايو ۽ مزمل جي حالت سنجيده هجڻ سبب کيس عمارت جي ويجهو ڇڏيو ويو، پوليس ٻڌايو ته سيڪيورٽي ڪئمرا فٽيجز ۾ جوابدارن کي مقتول کي عمارت جي ويجهو ڇڏڻ کانپوءِ فرار ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.