محبتن جي عالمي ڏينھن تي وڇڙي ويل محبوب شاعر

ساقي ابڙو

سائين مقصود گل گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، هو هڪ ئي وقت بھترين ۽ برجستو شاعر به هو ته اديب به هو، ليکڪ به هو ته پبلشر به هو, محقق به هو ته مترجم به هو ۽ تعليمدان به هو ته سماج سڌارڪ به هو پر ان سان گڏو گڏ هو بھترين ۽ با ڪردار انسان پڻ هو. جيڪڏهن کيس شاعر جي حيثيت ۾ ڏسبو ته هو سنڌي ٻوليءَ جو اهو ٻھڳڻو رومانوي مزاحمتي ۽ سماجي شاعر نظر ايندو جنھن لڳ ڀڳ هر صنف تي نه صرف ڀرپور لکيو پر زبردست انداز سان لکيو. سنڌي ڪلاسيڪل صنفن بيت وائي ۽ ڪافي تي ته عبور حاصل هيس پر هو غزل جو به بادشاهه شاعر هو، شاعري ۾ هن محبوب جي زلفن، نوخيز نگاهن، ناز و انداز، لال لبڙن ۽ ڳاڙهن ڳلڙن کان وڌيڪ سنڌڙي جي سورن، ڌرتي جي دشمنن، قوم سان ٿيندڙ ڪلورن ۽ قومي غدارن تي لکيو آهي. سندس سٽ سٽ ۾ يا ته سنڌ ۽ سنڌي قوم سان عشق ۽ محبت جو اظھار ملندو يا وري ڌرتي جي دشمن ۽ قومي غدارن کان سخت نفرت. ڪٿي ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو بانڪو ۽ ڌرتي جو دعاگو نظر ايندو ته ڪٿي وري قلم کي ڪلاشنڪوف بڻائي ونين ۽ ٻنين، ننگن ۽ دنگن جو محافظ بڻجي قلمي مزاحمت ڪندي پيو ڏسبو اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادب ۾ شيخ اياز استاد بخاري سرڪش سنڌي ۽ راشد مورائي جيان مقصود گل کي به وڏو قومي ۽ مزاحمتي شاعر مڃي ٿو.

هڪ محقق طور مقصود سائين  سنڌ جو جاکوڙي ۽ کاهوڙي محقق هو. هو مسلسل ”جستجو لاتڪنتو“ جو قائل هو ۽ هميشه متحرڪ رهيو, پاڻ ۽ سندس قلم سدائين تحرڪ ۾ رهيا سندس چوڻ هو ته ”تحرڪ زندگي آهي ۽ سانت موت“. مون کيس زندگي جي آخري ڏينھن تائين لکندي ۽ مسلسل لکندي ڏٺو. هن پنھنجي شھر رتيديري تي ڪيل تحقيق سميت الاهي سارا تحقيقي مقالا لکيا خاص طور تي درازن جي دولھ سچل سرمست تي ڪيل تحقيق ۽ سندس شاعري جو منظوم ترجمو جيڪو ”عشق سمندر“ جي نالي سان شايع ٿيو سندس وڏا ادبي ڪارناما آهن جنھن ڪري ئي کيس ”سچل جو شارح“ وارو اعزاز مليو ۽ ”سچل ايوارڊ“ سان به نوازيو ويو.

سنڌي ادبي کي 10 ڪتاب ارپيندڙ مقصود گل صاحب ڪامياب مترجم به هو، سنڌي ٻوليءَ جو ته ماهر هيو ئي پر اردو ٻوليءَ تي به زبردست عبور حاصل هئس، مٿي ذڪر ڪيل سچل سرمست جي فارسي شاعريءَ جي ڪيل منظوم اردو ترجمي کانسواءِ هن شيخ اياز جي ٻن ڪتابن ”هرڻ اکي ڪيڏاهن“ ۽ ”پتڻ ٿو پور ڪري“ ۾ شامل نثري نظمن کي زبردست انداز سان ترجمو ڪري اردو ادب کي ”اي آهو چشم ڪڌر“ ۽ ”ساحل پي تلاتم“ جي نالن سان ٻه خوبصورت ڪتابي تحفا ڏنا جيڪو يقينن قاضي صاحب جو غير معمولي ڪم هو جڏهن ته هن ڪرشن چندر جي اردو ڪھاڻين جو پڻ سنڌي ۾ سھڻو ترجمو ڪري پنھنجي ٻئي مجموعي جي صورت ۾ سنڌي ادب کي هڪ ڪارائتو ڪتاب ڏنو.

مقصود گل جون ادبي ڪاوشون ته هيون ئي هيون جيڪي نا قابلِ فراموش آهن پر علمي ميدان ۾ به پنھنجي والد گرامي سائين قاضي عبدالحي قائل سرشاري وانگر سندس کوڙ ساريون علمي خدمتون به هيون، نئون ديرو شگر ملز مان اصولن جي بنياد تي استعفيٰ ڏئي رتيديري شھر ۾ پنھنجي والد جي نالي سان عبدالحي قاضي ماڊل اسڪول قائم ڪري علم جي آبياري ڪئي جيڪو شھر سميت سموري تر جو واحد معياري خانگي تعليمي ادارو هو جتي قاضي صاحب پرنسپال هوندي پاڻ به مستقبل جي معمارن کي پاڙهيندو رهيو.

قاضي مقصود گل انساني ۽ سماجي قدرن جو پيڪر هڪ مثالي انسان ۽ سماج سڌارڪ به هو. سماج جي سڌاري لاءِ پاڻ سدائين سرگردان رهيو عملي طور تي به جاکوڙيندو رهيو ته تحريري ۽ تقريري طور تي به سماجي ۽ معاشرتي موضوعن کي اجاگر ڪندو رهيو. سماج ۾ ڦھليل سماجي ناهمواري انارڪي بي چيني ۽ سماجي برائين تي هميشه سندس قلم جنبش ۾ ايندو رهيو پاڻ سماجي برائين کان ته بلڪل به پاڪ هو پر ڪنھن به سماجي برائي کي ڏسندو هو ته تڙپي پوندو هو ۽ لڇندي ڪجھ نه ڪجھ لکي ويھندو هو اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعري توڙي لکڻين ۾ گهڻي قدر سماجي پھلو نظر ايندا.

مٿي ذڪر ڪيل سمورين خوبين خاصيتن ۽ گڻن سان ڀرپور قاضي صاحب هڪ سچيت ۽ ڀلوڙ انسان هو۔ صوفي منش ۽ ٻاجهاري طبيعت رکندڙ هو هڪ سھڻو ۽ سپتيو ماڻهو هو, ڪپت ڪوڙ ڪيني ۽ ڪدورت کان ڪوهين ڏور رهندو هو محبتي مزاج رکندو هو مک تي هميشه مرڪ هوندي هئس جڏهن به ملندو ته مرڪندو ڳل ڳراٽيون پائيندو خيريت معلوم ڪندو ۽ دعائون ڏئي موڪلائيندو هو.

محبتون ورهائيندڙ اهڙو عظيم انسان ۽ محبتي ماڻهو اسان کان وڇڙي به محبتن جي عالمي ڏينھن 14 فيبروري 2015 تي ويو۔ جنھن ڏينھن سڄي عالم جا انسان ”ويلنٽائين ڊي“ سيليبريٽ ڪري رهيا هئا ۽ عاشق پنھنجي محبوبن سان محبتن جا اظھار ڪندي گلاب آڇي رهيا هئا ان ڏينھن اسان هن محبتي ماڻهو جي وڇوڙي سبب صدمي ۾ هئاسين سڄي سنڌ مان وڏي تعداد ۾ اديب شاعر سگهڙ ۽ سخنور رتيديري تڏي تي پڳا هئا ۽ مقصود گل جي ميّت ۽ مزار کي اجرڪ ۽ گلاب ارپي کيس محبتن ڀريون مڃتائون ۽ ڀيٽائون ڏنيون هيون۔ يقينن سندس وڇوڙو سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ڪري ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.