منهنجي ڪائي ٽيم هجي ها ته اڄ عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد ان ۾ هجن ها: شاهد آفريدي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پي ايس ايس ( پاڪستان سُپر ليگ ) جي 11 هين ايڊيشن ۾ نظرانداز ٿيڻ تي عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد جي حق ۾ آواز اُٿاري ڇڏيو.
اربع ڏينهن پاڪستان سپر ليگ جي 11 هين سيزن لاءِ پهرين ڀيرو رانديگرن جي نيلامي ٿي، جنهن ۾ سمورن اٺن ئي فرنچائزز پنهنجن اسڪواڊز ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي رانديگر شامل ڪيا.
پاڪستان جي طرفان ٽي ٽوئنٽي انٽرنشنل ۾ پهرين سينچري اسڪور ڪندڙ احمد شهزاد ۽ جارحاڻي انداز ۾ بيٽگ لاءِ مشهور عمر اڪمل کي پي ايس ايل ۾ مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو .
ان معاملي تي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي نجي ٽي وي چئنل ٽي وي تي ڳالهائيندي چيوته ” مان سمجهان ٿو ته اسان ڪجهه رانديگرن کي گهڻو نظرانداز ڪندا آهيون. مونکي اميد هئي ته جڏهن ٻه نيون ٽيمون ٿينديون ته ته احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي پي ايس ايل جو حصو بڻايو ويندو.“
هن چيو ته ٻئي ڪرڪيٽر کيڏي رهيا آهن، پريڪٽس ڪري رهيا آهن، جم ڪري رهيا کين نظر انداز نه ڪرڻ گهربو هو، انهن کي موقعو ڏيڻ گهرجي.
هن چيوته جيڪڏهن مان ڪنهن ٽيم ۾ هجان ها ته احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي ضرور شامل ڪيان ها.
هن چيو ته گهر ۾ هر ٻار هڪجهڙو ناهي هوندو، اهو ٽيم منيجمنٽ جو ڪم آهي ته رانديگرن کي ڪيئن سنڀالڻو آهي، مان سمجهان ٿو ته عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد ڪنهن هڪ فرنچائز جو حصو ٿيڻ گهرجي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.