سال2011ع ۾ يونيسڪو پاران اعلان ڪيل ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ طرفان منظور ٿيل هي ڏينهن 1946ع ۾ گڏيل قومن جي ريڊيو جي پهرين نشريات جي سالگرهه جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو، جيڪو خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم، ڄاڻ ۽ وندر ۾ ريڊيو جي ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو. جڏهن اسين 2026ع ۾ هن ڏينهن کي ملهايون ٿا ته درحقيقت ريڊيو جي شروعاتي ايَ ايم لهرن جي پُر شور آواز کان وٺي ايَ آئي جي جدت وسيلي تيار ٿيل نشريات تائين جي سفر کي ڀرپور خراج پيش ڪريون ٿا. ھن سفر ۾ ريڊيو مختلف دورن ۾ عروج ۽ زوال ڏٺو آھي. پر اھا پڻ روشن ڏينھن جيئان چٽي حقيقت آھي ته ريڊيو پنھنجو پاڻ کي ريڊيو سيٽ کان ٽيونر، ڪار ريڊيو کان پاڪٽ ريڊيو، موبائيل فون ريڊيو کان موبائيل ائپ ريڊيو تائين ھر صورت ۾ ان دور جي تقاضا جي عين مطابق پيش ڪيو آھي.
ريڊيو جي شروعات اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ٿي، جڏهن مارڪوني وائرليس مواصلات ۾ اڳڀرائي ڪئي. 1895ع ۾ هن هڪ ميل کان وڌيڪ مفاصلي تي پهريون ڀيرو ريڊيو سگنل موڪليو؛ ۽ 1901ع ۾ ٽرانس ايٽلانٽڪ نشريات ممڪن ٿي، جنهن عالمي رابطن ۾ انقلاب آندو. آواز جي نشريات جلد ئي شروع ٿي. 1906ع ۾ ريگينالڊ جي ڪرسمس ايو پروگرام ۾ موسيقي ۽ تقرير شامل هئي، جنهن سامونڊي جهازن کي حيران ڪري ڇڏيو. 1920ع واري ڏهاڪي کي ”سنهري دور“ سڏيو وڃي ٿو، جڏهن آمريڪا ۾ پهرين ڪمرشل نشريات ھلائي وئي. 1926ع ۾ اين بي سي ۽ 1927ع ۾ سي بي ايس جو آغاز ٿيو، ۽ 1930ع تائين 60 سيڪڙو آمريڪي گهرن تائين ريڊيو پهچي ويو. ٻي عالمي جنگ دوران ريڊيو صحافت کي عروج مليو. جنگ کانپوءِ، 1933ع ۾ ايڊون آرم اسٽرانگ پاران ايجاد ڪيل ايف ايم ٽيڪنالاجي پنهنجي صاف ۽ اسٽيريو آواز سبب 1960ع تائين ايَ ايم کان اڳتي نڪري وئي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ اين پي آر 1971ع جهڙي پبلڪ ريڊيو متنوع آواز کي هٿي ڏني. 1990 ۽ پوءِ انٽرنيٽ اسٽريمنگ ۽ پوڊڪاسٽس ريڊيو کي ڊجيٽل انقلاب سان سلھاڙي ڇڏيو. اڄڪلھه الگورٿم پلي لسٽ جي تياري، موسم شھري صورتحال مطابق خودڪار نظام تحت تبديل ٿيندڙ پروگرام، روبوٽ وائيس وسيلي مڪمل تفريحي، معلوماتي پروگرامن کان ويندي پروموز، ريڊيو ٿيم سانگس، مطلب ته سڀ ڪجهھ ايَ آئي سان سلھاڙجي چڪو آھي. اھو سڀ ھجڻ جي باوجود اھو بحث پڻ پنھنجي جڳهه تي اھم آھي ته ڇا آواز جي دنيا جي دوستي انھن روبوٽ آوازن سان جڙي سگھي ٿي يا اھو سرور صرف ھڪ جيئري جاڳندي سّص سان ئي ممڪن آهي.
پاڪستان ۾ نجي شعبي جي سھڪار سان 1994ع ۾ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ايف ايم 100 جي شروعات سان ٿي، جنهن نوجوانن لاءِ لائيو شوز پيش ڪري شهري سامعين کي متوجهه ڪيو. 2002ع ۾ پيمرا جي ضابطن ۾ نرميءَ بعد 22 لائسنس جاري ٿيا ۽ 2020ع تائين 200 جي لڳ ڀڳ ڪمرشل ايف ايم اسٽيشنز ۽ 60 کن تعليمي يا ڪئمپس ايف ايم چينل قائم ٿيا آھن. گيلپ سروي مطابق قومي سطح تي ٻڌندڙن جو انگ لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو آهي، جڏهن ته شهري پڙهيل نوجوانن ۾اڻيتاليھه 39 سيڪڙو ريڊيو ٻڌن ٿا. 2016ع تائين جي انگن اکرن موجب ريڊيو جي اشتهاري آمدني 2.8 ارب رپيا هئي.
پاڪستاني ريڊيو اسٽيشنز ڊجيٽل ته ٿي چڪو آھي پر ايَ آئي ايپليڪيشنز بابت رفتار بنهھ سست ۽ غير سنجيدہ ڏسجي ٿي. سوال ته اھو به آھي ته ريڊيو جي ڀيٽ ۾ ٽي وي کي ترجيح ڏيندڙ اسانجي ملڪ ۾ ٽي وي تي ايَ آئي جو استعمال ڪيترو ٿي رھيو آھي جو ريڊيو جي دنيا ۾ ان تبديليءَ ۽ ترقيءَ جي خواب جي ساڀيان ماڻجي. دنيا ۾ خبرن جا ٽِڪر، موسم جي بدلنجندڙ صورتحال ۽ مزاج موجب پلي لسٽ خودڪار ٿي رهيون آهن. ٽي وي جي بالادستي، صرف 10 سيڪڙو ٻڌندڙن جي شرح ، پر پوءِ به صرف 200 رپين جي ريڊيو سيٽ سان ايف ايم جي رسائي بنھ سستي ۽ آسان آهي.
ورلڊ ريڊيو ڊي 2026ع تي، جڏهن ايَ آئي ريڊيو جو پيغام عرف عام آھي اتي اسين پڻ ھن قديمي ميڊيم کي جدت سان سلھاڙڻ لاءِ پر اميد آھيون. ڇو جو اھو طئي آھي ته تمام جلد يا دير ريڊيو وري پنھنجو عروج پسندو.