عمران خان بابت سپريم ڪورٽ جي مقرر ڪيل عدالتي مددگار بئريسٽر سلمان صفدر جي رپورٽ پڌري ٿي چڪي آهي، اها رپورٽ عمران خان جي صحت ۽ اڊيالا جيل ۾ کيس مليل سهولتن جي حوالي سان آهي. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته عمران خان جي ساڄي اک جي نظر رڳو 15 سيڪڙو بچي آهي. رپورٽ موجب عمران خان بڌايو ته گذريل ٽن مهينن دوران سندس نظر گهٽجي وئي آهي، آڪٽوبر 2025ع تائين سندس اکيون بلڪل ٺيڪ هيون جنهن کانپوءِ ڌنڌلو پڻ وڌي ويو هو پر شڪايتن باوجود جيل عملدارن طرفان معاملي تي ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. جڏهن ته رپورٽ موجب پمز اسپتال جي ڊاڪٽر محمد عارف عمران خان جو طبي معائنو ڪيو ۽ ٻڌايو ته رت ڄمڻ جي ڪري سندس اک کي نقصان پهتو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران سلمان صفدر رپورٽ جون سفارشون به پڙهي ٻڌايون ۽ استدعا ڪئي ته عمران خان جو طبي معائنو سندس ڪنهن گهرڀاتي يا عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽر جي موجودگيءَ ۾ ڪرايو وڃي. جڏهن ته عدالت گهرڀاتي جي موجودگيءَ ۾ علاج ڪرائڻ جي درخواست کي رد ڪيو. سپريم ڪورٽ عمران خان جي اک جي معائني جي هدايت ڏيندي چيو ته ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم ٺاهي وڃي ۽ 16 فيبروري کان اڳ عمران خان جي اک جو مڪمل معائنو ڪرايو وڃي. ان موقعي تي اٽارني جنرل عدالت کي يقين ڏياريو ته سڀني عدالتي حڪمن تي عمل يقيني بڻايو ويندو.
عمران خان جي صحت بابت سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيل رپورٽ بابت سينيٽ جي اجلاس ۾ اپوزيشن جماعت سخت احتجاج ڪيو ۽ روڊن تي اچي احتجاج ڪرڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني وئي. اپوزيشن ليڊر علامه راجا ناصر عباس چيو ته عمران خان جي هڪ اک جي 85 سيڪڙو بينائي ختم ٿي چڪي آهي جنهن جي ذميوار حڪومت آهي. هن خبردار ڪيو ته معاملا ان حد تائين نه وٺي وڃو جو پوءِ ڳالهيون روڊن تي ٿين. ان حوالي سان پي ٽي آءِ ڪالهه کان ئي روڊن تي اچي وئي آهي ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ ڌرڻا پڻ ڏنا ويا.
هوڏانهن حڪومتي ردعمل پڻ ظاهر ٿيو آهي. وزير قانون اعظم نذير تارڙ سينيٽ جي اجلاس کي ٻڌايو ته عمران خان جي صحت ٺيڪ آهي هن چيو ته بيريسٽر سلمان صفدر جي رپورٽ ۾ سموريون سهولتون بيان ٿيل آهن، تنهن ڪري اپوزيشن صحت جي معاملي تي سياست نه ڪري ته بهتر آهي. جڏهن ته مسلم ليگ جي اڳواڻ طلال چوڌري جو چوڻ آهي ته 8 فيبروري جي احتجاج ۾ ناڪامي کانپوءِ پي ٽي آءِ هاڻي همدردي وارو ڪارڊ کيڏي رهي آهي. هن چيو ته 8 فيبروري جي احتجاج ۾ ناڪامي کانپوءِ پي ٽي آءِ وارا صحت جي معاملي پٺيان لڪڻ چاهين ٿا.
مسلم ليگ جي سينيئر اڳواڻ رانا ثناءَالله جو موقف آهي ته جيڪڏهن حڪومت يا اپوزيشن عمران خان جي صحت تي سياست ڪري ٿي ته اهو ڏوهه آهي. هن چيو ته رپورٽ موجب عمران خان جي اک جو علاج پمز اسپتال ۾ ٿي رهيو آهي ۽ اتي اکين جا بهترين ڊاڪٽر موجود آهن، پر جيڪڏهن عمران خان ڪنهن ٻي جاءِ تي چيڪ اپ ڪرائڻ چاهي ته ڀلي ڪرائي، اسان کي ڪو اعتراض ناهي يا جيڪڏهن سپريم ڪورٽ هن کي ٻاهرين ملڪ يا ڪنهن اسپتال ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ته حڪومت ان حڪم تي به عمل ڪندي.
جڏهن ته هڪڙن غير جانبدار تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن عمران خان آڪٽوبر کان اکين جي شڪايت ڪري رهيو هو ۽ صحيح علاج نه ٿيو ته اها سرڪار جي ذميواري آهي، ڇاڪاڻ ته هو سرڪار جي تحويل ۾ آهي. جيڪڏهن سندس نظر واقعي به 85 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي ته اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي تنهن ڪري ان جي غير جانبدراڻي جاچ ٿيڻ گهرجي.
اسان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمران خان جي صحت جي حوالي سان پيش ڪيل رپورٽ تي رانا ثناءَالله جي ان موقف جا قائل آهيون ته عمران خان جي صحت تي نه پي ٽي آءِ کي سياست ڪرڻ گهرجي نه ئي حڪومت کي پر رانا ثناءَالله جيئن ته حڪومت جو اهم وزير آهي ته ان کان ئي سوال آهي ته جيڪڏهن حڪومت کي عمران خان جي صحت تي سياست ناهي ڪرڻي ته اهڙو ڪردار عملي طور نظر اچڻ گهرجي. ٻيو ته جيئن پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ نواز شريف پاڻ به قيد ۾ هو ۽ ان جا به صحت جا معاملا هيا ۽ آخر ۾ عمران خان جي حڪومت ۾ ئي کيس علاج لاءِ پرڏيهه موڪليو ويو هو ته ان خوشگوار تجربي جي روشني ۾ مسلم ليگ (ن) جي موجوده حڪومت کي هڪ شاندار ڪردار پيش ڪرڻ گهربو هو. يعني عمران خان جي صحت جي معاملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پي ٽي آءِ کي شڪايت جو ڪو جواز نه ملڻ گهرجي ها ۽ نه ئي عمران خان جي صحت جو معاملو عدالت ۾ وڃڻ گهرجي ها ۽ نه ئي سپريم ڪورٽ کي عمران خان جي صحت بابت حقيقي رپورٽ لاءِ بيرسٽر صفدر کي اڊيالا جيل موڪلڻ جي ضرورت پوي ها.
هن ڪيس جو ٻيو معاملو شفاف جاچ جو آهي بظاهر ته بيرسٽر صفدر جي رپورٽ سپريم ڪورٽ جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيل آهي تنهن ڪري ان تي ڪنهن به قسم جي شڪ جو اظهار نه ڪرڻ گهرجي پر جيڪڏهن پوءِ به شڪ پيدا ٿئي ٿو ۽ حڪومت ان رپورٽ مان مطمئن ناهي ته پوءِ ان معاملي تي صاف شفاف جاچ باقي ٻيو ڪهڙو ادارو ڪري سگهي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ حڪومت تي ته ڪير اعتبار نٿو ڪري سگهي. تنهن ڪري سڀني حڪومتي ادارن کي اصل ۾ پنهنجي ساکائتي ڪردار تي ڪم ڪرڻ گهرجي، جيئن ڪنهن جي به موقف يا رپورٽ تي بي اعتمادي يا شڪ جو جواز نه رهي.
اسان جو مجموعي طور تي اهو به خيال آهي ته سياسي ۽ پارلياماني جماعتن ۽ اڳواڻن جو هڪ ٻئي ڏانهن انتقامي نه پر جمهوري رويو هئڻ گهرجي. سياست کي اختلاف براءِ اختلاف جي ور چاڙهڻ نه گهرجي پر صاف شفاف ۽ ساکائتي سياست ڪجي ته اهڙن معاملن ۽ مسئلن کان بچي سگهجي ٿو.
Prev Post
You might also like