حڪومت حامي ڀري ورتي، عمران خان کي سعودي موڪلڻ جو امڪان؟

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) ن ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان کي پرڏيهه علاج لاءِ يا ڪنهن ٻي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ حڪم جاري ڪيا ته حڪومت هر صورت ان تي عمل ڪندي ۽ مڪمل سهولت ڏيندي. عمران خان جي صحت تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. عمران خان جو موقف آهي ته سندس اک جي نظر 85 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي، سپريم ڪورٽ طرفان طبي معائني لاءِ 16 تاريخ تائين مهلت ڏني وئي آهي. ڊاڪٽرن جي معائني کانپوءِ صورتحال واضح ٿي ويندي ته اها دعويٰ ڪيتري حد تائين درست آهي پر عمران  خان هڪ قيدي آهي ۽ عدالت کي درخواست ڏئي ٿو ۽  عدالت حڪم جاري ڪري ٿي ته حڪومت ان تي عمل ڪندي. ماضي ۾ به سياستدانن جي علاج بابت اهڙي ئي قسم جون اڳڀرايون ٿينديون رهيون آهن، اڳتي هلي معاملي تي وڌيڪ اڳڀرائي جي اميد آهي.  ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ڪارڪن پارليامينٽ ٻاهران ڌرڻو هڻي رهيا آهن ته جيئن عمران خان کي جيل مان الشفا اسپتال منتقل ڪري مناس علاج ڪرائي سگهجي. پارٽي جي نوجوان قيادت، آءِ ايس ايف ۽ يوٿ ونگ وچ ۾ اختلاف آهن، ڇو ته نوجوان جذباتي طور تي ملڪ جا اهم رستا بند ڪرڻ چاهين ٿا، خاص طور تي خيبرپختونخوا کان اسلام آباد ويندڙ رستا. قيادت کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن احتجاج تي ضابطو آڻي سگهجي. ان ئي دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سعودي عرب ۾ دفاع واري وزير شهزادي خالد بن سلمان سان ملاقات لاءِ پهتو. ان کان اڳ هڪ اهم شخصيت عمران خان بابت چيو هو ته ان جو علاج به اهو ئي آهي ته کيس سعودي عرب موڪليو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.