ڪجهه پلگز ۾ هي سوراخ ڇو هوندا آهن؟ دلچسپ حقيقت ڄاڻيو

برقي شين سان هميشه هڪ اليڪٽرڪ پلگ ڳنڍيل هوندو آهي ته جيئن انهن کي استعمال ڪري سگهجي.
ڪجهه شين ۾ پلگ تي 2 يا 3 ڌاتو پرونگز يا ڪيلي جهڙيون شيون موجود هونديون آهن.
انهن پرونگز جو مقصد واضح آهي ته توهان انهن کي بجلي جي آئوٽليٽ ۾ لڳائي شين کي بجلي ذريعي هلائي سگهو ٿا.
پر ڇا توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته انهن پرونگز جي وچ ۾ ننڍا سوراخ به موجود هوندا آهن؟
انهن سوراخن جا اصل سبب شايد توهان جي سوچ کان به وڌيڪ دلچسپ آهن.
اهڙن اليڪٽرڪ پلگس کي 1900ع جي شروعات ۾ سائنسدان هاروي هبل ٺاهيو هو.
انهن جي اصل ڊيزائن ۾ پرونگز ۾ ننڍا سوراخ هئا ته جيئن پلگ آساني سان آئوٽليٽ ۾ لڳي وڃي ۽ ٻاهر نه نڪري.
جيتوڻيڪ اهو اصل مقصد هو، پر هاڻي گهڻا آئوٽليٽس هن خاصيت کان محروم آهن، تنهنڪري ضرورت گهٽجي وئي آهي. پر پوءِ به اهي سوراخ موجود ڇو آهن؟ جواب آهي هڪ حفاظتي فيچر.
ڪجهه ڊوائيسز ۽ شين سان ڪمپنين طرفان ننڍيون پلاسٽڪ ٽائيز پرونگز ۾ لڳايون وينديون هيون، جن سان گڏ انتباهي هدايتون( وارنگز ) پڻ موجود هونديون آهن.
جيستائي نهي ٽائي موجود هوندي آهي پلگ لڳائڻ ممڪن ناهي هوندو ۽ پهريان ان کي هٽائڻو پوندو آهي.
جڏهن ان کي هٽايو ويندو اهي ته وارنگز وارو پلي ڪارڊ پڻ نظر ايندو آهي ته جيئن واهپيدار کي پتو پئجي سگهي ته ان پلگ کي پهريون ڀيرو ڪهڙي نموني استعمال ڪرڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.