واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي سائنسدانن هڪ بهترين ويڪسين تيار ڪئي آهي جيڪا گهڻن ماڻهن جا مسئلا حل ڪري ڇڏيندي.
ماهرن اهڙي سئي تيار ڪئي آهي جنهن کي لڳرائڻ کانپوءِ توهان جيڪو وڻيوَ کائو پر سوال ئي پيدا ناهي جو توهان ٿُلها ٿيو.
توهان رڳو سوچو ته توهان پنهنجي مرضي موجب سڀ ڪجهه کائو ۽ توهان کي ٿولهه جي پريشاني نه هجي ته ڪيئن رهندو؟
ٿولهه هڪ اهڙو مسئلو آهي جيڪو شخصيت تي اثرانداز ٿئي ٿو، انڪري ڪيترائي ماڻهو پنهنجي کاڌي جو وڏو خيال ڪندا آهن پر هاڻي اهڙي ماڻهن کي پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي.
سائنسدانن طرفان تيار ڪيل اها ويڪسين جسم کي چرٻي حاصل ڪرڻ جي حوالي سان مدافعتي بڻائي ٿي.
اها ويڪسين اوزمپڪ کان مختلف ڪم ڪري ٿي، جيڪا توهان گهڻي دير تائين ڍئو محسوس ڪندا آهيو ۽ اُها توهان کي گهڻي کائڻ کان روڪيندي آهي.
يونيورسٽي آف ڪولوراڊو جي سائنسدانن مائيڪو بيڪٽيريم ويڪسين (هڪ صحتمند بيڪٽيريا جيڪو ڳئون جي کير ۽ مٽي ۾ موجود هوندو آهي) تيار ڪئي آهي جيڪا پهريون هڪ ڪوئي کي لڳائي وئي، جنهن مان خبر پئي ته هر هفتي سئي هڻڻ جي ڪري ڪوئن ۾ وزن وڌڻ خلاف بنيادي مدافعت پيدا ٿي وئي، جيتوڻيڪ انهن کي کنڊ ۽ سڻڀ واريون شيون وڏي مقدار ۾ کارايون ويون.
نه رڳو ايترو پر ڪوئن جا ٻه گروپ ٺاهي انهن مان هڪ کي صحت بخش خوراڪ ڏني وئي جڏهن ته ٻئي کي غير صحت بخش خوراڪ ڏني پر ان باوجود به ڪوئن جي ٻنهي گروپن ۾ ڪو به فرق نه ٿيو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ان مان ثابت ٿيو ته اها ويڪسين اولهه ملڪن جي کاڌن جي طرز واري طريقيڪار باوجود به وڌندڙ وزن کي بهترين طريقي سان روڪي ٿي.
جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته توهان کي جيڪو وڻي کائو پر توهان ٿُلها نه ٿيندا.