ڪائنات جو ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم، ننڊ ڪندي ئي ٿئي ٿو!

ننڊ کي صحت لاءِ تمام اهم سمجهيو ويندو آهي ڇو ته ته ننڊ ڪرڻ سان جسم کي ايندڙ ڏينهن لاءِ توانائي ملندي آهي ۽ دماغي افعال بهتر ٿين ٿا.

پر هاڻي هڪ نئين انڪشاف ٿيو آهي ته ان کانسواءِ به  ننڊ مان هڪ ٻيو فائدو به ٿيندو آهي ۽ اهو آهي دماغ جي صفائي.

اهڙي ڳالهه ڊينمارڪ ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ڪوپن هيگن يونيورسٽي جي تحقيق ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته گهري ننڊ دوران اسان جي دماغ ۾ جيڪو واڌو مواد موجود هوندو آهي ، اس جي صفائي ٿي ويندي آهي، جيڪا سڄي ڏينهن جو ڪم ڪندي گڏ ٿيندي آهي.

اهو عمل اسان جي دماغ جي صحت کي بهتر رکڻ لاءِ اهم آهي.

هن تحقيق ۾ ڪوئن تي تجربا ڪيا ويا ۽ هڪ مالڪيول norepinephrine دريافت ڪيو ويو، جيڪو ڪوئن جي دماغي صفائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.

تحقيق موجب، گهري ننڊ دوران دماغ هر 50 سيڪنڊن جي وقفي سان ان ماليڪيول جي لهرن کي ختم ڪندو رهندو آهي.

جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته اهو مالڪيول رت جي رڳن کي سڪڙجڻ تي مجبور ڪندو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو عمل بلڪل ائين آهي جيئن توهان ڪنهن واشر ۾ ٿانوَن کي صاف ڪندا آهيو.

انهن وڌيڪ ٻڌايو ته هن مالڪيول ۽ ننڊ دوران دماغ ۾ رت جي وهڪري وچ ۾ تعلق موجود آهي.

ان کان پوءِ تحقيقاتي ٽيم دماغ ۾ ٿيندڙ رت جي وهڪري جي حجم کي جانچيو ۽ ڏٺو ته ان وهڪري ۾ لڳاتار تبديلين اچي رهيون آهن، جيڪو اهو ظاهر ڪري ٿو ته شريان ڪنهن پمپ وانگر ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ وهڪرن کي متحرڪ ڪري دماغ جي صفائي ڪن پيا.

تحقيق کانپوءِ وري ڏٺو ويو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ننڊ ڪرڻ لاءِ ٽڪيون ڏنيون وڃن ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

ماهرن ڏٺو ته ٽڪين جي استعمال سان ڪوئن ۾ ان عمل جي رفتار قدرتي ننڊ جي ڀيٽ ۾ پنجاهه سيڪڙو گهٽ هئي.

ماهرن اڃان تائين انهن اهو جائزو ناهي ڪيو ته خراب ننڊ دوران صفائي جو هي عمل ڪيترو ڪم ڪندو آهي.

تنهن هوندي به ماهرن جو چوڻ آهي ته هاڻي اهي انسانن تي تحقيق ڪندا ۽ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا ته ڇا اسان جي دماغ ۾ اهو مالڪيول ساڳيو ئي صفائيءَ وارو ڪم ڪندو آهي يا نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.