اسلام آباد واقعي ۾ ڊاڪٽر الطاف بوسن جو ڀاءُ به شهيد

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ترلائي ڌماڪي ۾ انسداد پوليو پروگرام جي نيشنل ٽيڪنيڪل ايڊوائزر ڊاڪٽر الطاف بوسن جو ڀاءُ به شهيد ترلائي ڌماڪي ۾ پوليو جي خاتمي واري پروگرام جي نيشنل ٽيڪنيڪل ايڊوائزر، ڊاڪٽر الطاف بوسن جو ڀاءُ فرمان علي بوسن به شهيد ٿي ويو۔فرمان علي بوسن تعليم کاتي جو ريٽائرڊ آفيسر هو ۽ جمعي نماز پڙهڻ لاءِ مسجد ۾ موجود هو،ڌماڪي دوران فرمان علي بوسن جو پٽ ۽ ڪيترائي ڪزن زخمي ٿيا۔فرمان علي بوسن جي جنازي نماز اسلام آباد ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ تدفين پڻ اسلام آباد ۾ ڪئي ويندي۔ ڊاڪٽر الطاف بوسن کي ڀاءُ جي شهادت جي اطلاع ملندي ئي ڪراچي مان پوليو مهم جون سرڪاري سرگرميون بند ڪري اسلام آباد پهچڻيون پيون،ذريعن موجب شهيد جو تعلق رتيديري سان آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.