ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) اسلام آباد جي امام بارگاهه ۾ آپگهاتي ڌماڪي خلاف مجلس وحدت المسلمين جي سڏ تي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، مختلف ڌرين طرفان اسلام آباد سانحي خلاف وحدت المسلمين جي سڏ تي حمايت ۾ پڻ مظاهرا ڪيا ويا، مجلس وحت المسلمين ضلعي حيدرآباد پاران اسلام آباد مسجد ۽ امام بارگاھ خودڪش حملي خلاف مولانا گل حسن مرتضوي، وقار زيدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي، ڪراچي ۾ به مختلف هنڌن تي شيعا اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، اسلام آباد ۾ امام بارگاھ اندر ٿيل بم ڌماڪي ۽ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ واري دهشتگرد واقعي خلاف سيشن ڪورٽ ٺٽو ۾ وڪيلن پاران احتجاج طور عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ٺٽو بار ۽ ايم ڊبليو ايم پاران سيشن ڪورٽ مڪلي کان ھڪ احتجاجي ريلي ٺٽو بار ايسوسئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ اعزاز شاھ، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ هوش محمد عباسي، مجلس وحدت المسليمن ۽ شيعان علي ٺٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر شبير شاھ ۽ ٻين طرفان احتجاج ڪيو ويو، مقصودو رند ۾ به زوار غلام سرور رند، زوار غلام حيدر رند، زوار ڪريم بخش رند جي اڳواڻي ۾ امام بارگاھ منتظر مھدي کان حسيني چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، سيٺارجا ۾ مختلف مذهبي تنظيمن طرفان شهر اندر ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي شيعه اڳواڻ سيد محسن علي شاهه، علي گلاب لنڊ،زوار نثار الحسيني امير حسين جعفري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، اسلام آباد سانحي خلاف ڪوٽڏيجي ۾ سيد افضل حسين شاهه، واحد بخش لاشاري، مولانا جمال الدين قمي، مولانا وحيد علي مشهدي، مولانا محمد علي موسوي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اسلام آباد جي ترلائي جي امام بارگاهه ۾ ٿيل افسوسناڪ خودڪش ڌماڪي خلاف اوٻاوڙو ۾ شيعا علماء ڪونسل جي ضلعي اڳواڻ رضا مهدي رند جي اڳواڻي ۾ چوڪ ماڙي کان ٻه ڪلو ميٽر وڌيڪ پيادل مارچ ڪندي اوٻاوڙو شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي سخت نعريبازي ڪندي پريس ڪلب پھتا جتي اها احتجاجي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، نصيرآباد ۾ به اسلام آباد سانحي خلاف احتجاج ڪيو ويو، شاهپور چاڪر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل خود ڪش حملي خلاف سوين مومنن شيعا علما ڪائونسل جي اڳواڻ مولانا صالح حيدري،زوار محمد ملوڪ جھلڻ جي اڳواڻي ۾ درگاھ ڪامل شاھ روڊ کان الهيار بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو، شھدادپور اماميا اسٽوڊنٽ آرگنائزنگ يونٽ شھيد صبطي جعفر پاران اسلام آباد جي امام بارگاھ ۾ نماز دوران بم ڌماڪي واري افسوس ناڪ واقعي خلاف مولانا ثمر حسين يونٽ صدر ذوالفقار علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ مجلس وحدت المسلمين طرفان اسلام آباد جي امام بارگاه ۾ بم ڌماڪي واري واقعي خلاف صوبائي اڳواڻ محمود الحسين ، مولانا امير رحماني ، مولانا ذوالقر ، امجد حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مسجد علي کان پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ڏوڪري ۾ اسلام آباد ۾ امام بارگاھ ۾ بم ڌماڪي خلاف شيعا علماءِ ڪائونسل، مدرسا ثاني زهراءِ جي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج جي مولانا ظهور حسين روحاني، منظور علي جلباڻي، امتياز علي ڪولاچي، قاضي وحيد علي، زاهد حسين ڪلهوڙو ۽ ٻيا اڳواڻي ڪري رهيا هئا، جڏهن ته مٺي، عمرڪوٽ، ماتلي، ميرپورخاص، بدين، سڳيون، باڊهه، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ شيعا تنظيمن پاران اسلام آباد واقعي خلاف مظاهرا ڪيا ويا، اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ جمعي جي نماز دوران دھشتگردن ڌماڪا ڪري ڪيترن ئي نمازين کي شھيد ڪري سندن گھر اجاڙي ڇڏيا آھن، جن جو ڪو به مذھب ناھي، اسان ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گھر ٿا ڪريون ته دھشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائي شھرين کي تحفظ مھيا ڪري الله جي گھرن جي حفاظت ڪري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪري شھيدن جي وارثن جي سھائتا ڪئي وڃي۔