اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزارت اقتصادي اپڊيٽ آئوٽ لُڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو برقرار آهي ۽ هن مهيني افراط زر 5 کان 6 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.وزارت خزاني جي آئوٽ لُڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2026 جي پهرين اڌ ۾ معاشي استحڪام برقرار رکيو ويوآهي ۽ ملڪ جي معيشت جي رفتار هلندڙ مالي سال 2025-26 ۾ مستحڪم رهڻ جي اميد آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بهتر مالي نظم و ضبط معاشي استحڪام کي هٿي ڏني آهي، هن مهيني امهانگائي 5 کان 6 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊسمبر ۾ مهانگائي 5.6 سيڪڙو ۽ نومبر ۾ 6.1 سيڪڙو هو. وفاقي وزارت خزاني چيو ته مهانگائي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ ايل ايس ايم جي واڌ ۾ واضح بهتري آئي آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا مضبوط آهن ۽ روپئي جي قدر پڻ مستحڪم آهي.ناڻي وزارت مطابق، مالي نظم و ضبط جي نتيجي ۾ مالي ۽ بنيادي سرپلس پيدا ٿيا آهن، جڏهن ته ايل ايس ايم جي تيز ٿيڻ ۽ ايندڙ مهينن ۾ بهتر واڌ جي اميد آهي. ساڳئي طرح، ترسيلات مضبوط ٿيا آهن ۽ ٻاهرين اڪائونٽس کي سهارو مليو آهي، پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مضبوط واڌ ڏٺي وئي آهي، جنهن جي ڪري اهو عالمي سطح تي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ مارڪيٽن ۾ شامل آهي ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد نمايان طور تي بهتر ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت معاشي گورننس سڌارا شروع ڪيا آهن ۽ سڌارن جو مقصد ادارتي استحڪام ۽ پائيدار ترقي آهي.وڌيڪ چيو ويو آهي ته مهانگائي ۾ گهٽتائي جي ڪري مالي پاليسي ۾ نرمي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو برقرار آهي، پر دٻاءُ محدود رهڻ جي اميد آهي.