اسلام آباد(طلعت حسين)جيڪڏهن اڄ کان پنج يا ڇهه مهينا اڳ ڪنهن توهان کي هادي علي چٺا جو نالو ٻڌايو هجي ها ته شايد توهان حيران ٿي وڃو ها ته هي ڪير آهي؟ پنهنجي محدود دوستن ۽ حلقن ۾ شايد سڃاتو ويندو هجي، پر ان کان ٻاهر سندس ڪا خاص شهرت نه هئي.ساڳي ريت ايمان مزاري به اڄ عالمي خبرن جو حصو بڻجي چڪي آهي. هوءَ هڪ قابل وڪيل آهي، ڊاڪٽر شيرين مزاري جي ڌيءَ آهي، قانون تي عبور رکي ٿي، پڙهائيندي به رهي آهي ۽ پنهنجي هڪ سڃاڻپ رکي ٿي. پر جيڪڏهن ٻه سال اڳ ڏٺو وڃي ها ته سندس شهرت گهڻي ڀاڱي ٽوئيٽر تائين محدود هئي.اڄ صورتحال اها آهي ته هادي علي چٺا ۽ ايمان مزاري پاڪستان سان لاڳاپيل عالمي خبرن مان هڪ وڏي خبر بڻيل آهن. ڇو؟ ڇو ته رياست جي ڪجهه ادارن جو خيال آهي ته انهن ماڻهن رياستي ادارن جي توهين ڪئي، دهشتگردي کي هٿي ڏني، ۽ هڪ ڊگهي، تڪراري ڪيس کان پوءِ کين سخت سزائون ڏنيون ويون. اهي ڪا ننڍيون سزائون ناهن، پر انتهائي ڊگهي مدي واريون سزائون آهن، ڄڻ ڪو انتهائي سنگين ڏوهه سرزد ٿيو هجي. اصل ڳالهه اها آهي ته جڏهن توهان آواز کي اهڙي طريقي سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو، ته اهو “بومرئنگ” وانگر واپس اچي توهان جي چهري تي لڳندو آهي. ۽ ان جو اثر هاڻي ئي ظاهر ٿيڻ لڳو آهي. جيڪڏهن ڪنهن سوچيو هو ته اهڙي طريقي سان انهن کي خبرن کان الڳ ڪري ڇڏينداسين، ته نتيجو ان جي بلڪل ابتڙ نڪتو.اڄ اهي سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽرينڊ بڻيل آهن. وڊيوز گردش ڪري رهيون آهن. توهان چاهيو ته انهن تي تنقيد ڪريو، طنز ڪريو، چئو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڊراما ٿي رهيا آهن، پر حقيقت اها آهي ته خبرون روڪڻ جو مقصد حاصل ئي نه ٿيو. خبرون اڳ کان هزار ڀيرا وڌيڪ پکڙجي ويون آهن.اڄ جي دور ۾ ڪنهن به معاملي کي “قالين هيٺ” لڪائڻ ممڪن ناهي.هاڻي اچون ٿا سزا جي ڳالهه ڏانهن. سزا جو مقصد اهو هوندو آهي ته ماڻهو کي سڌارو وڃي. سوال اهو آهي:ڇا هتي اهو ٿيو؟جواب آهي،بلڪل نه.جنهن معاملي کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهو وڌيڪ بگڙي ويو. جنهن قانون جي بنياد تي هي ڪيس هلايا ويا، ان جي تشريح ۽ لاڳو ٿيڻ تي سوال اٿڻ لڳا آهن. عدليه بابت به سوال اڀري رهيا آهن. وڪيلن جون بار ايسوسيئيشنون آواز اٿاري رهيون آهن.۽ ٽين اهم ڳالهه:اهڙن قدمن جا نتيجا هميشه ڊگهي مدي وارا ٿيندا آهن.هاڻي ماڻهو ڳالهائڻ لڳا آهن. جيڪڏهن قانون، عقل، منطق يا اخلاقيات جي ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي، ته گهٽ ۾ گهٽ تاريخ مان سبق وٺو. بندش جي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي. آواز دٻائڻ سان مسئلا ختم نٿا ٿين، پر وڌيڪ وڌن ٿا.جيڪي حقيقي مسئلا اجاگر ٿي رهيا آهن، انهن کي حل ڪيو وڃي.جيڪڏهن گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو آهي، ان کي حل ڪيو وڃي.جيڪڏهن انصاف نٿو ملي، ته ان کي يقيني بڻايو وڃي.جيستائين مسئلا حل نه ڪبا، تڏهن تائين خبرون به ختم نه ٿينديون.
-
ايمان مزاري جي سزا خلاف احتجاج نه ٿيڻ گهرجي: هارون رشيد
اسلام آباد(مطيع الله جان) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر هارون رشيد چيو آهي ته هن وقت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد بار ايسوسيئيشن جا وڪيل ايڊوڪيٽ ايمان مزاري ۽ ايڊوڪيٽ حادي علي چٺا کي پيڪا عدالت کان ڏنل 10-10 سال جي سزا خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن،جيڪڏهن ڪنهن جوابدار کي عدالت سزا ڏئي ٿي، ته ان جو مقصد آهي ته ان سزا کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو وڃي، روڊن ۽ جلسن ذريعي احتجاج نه ڪيو وڃي،هن چيو ته عدالت جو فيصلو ثبوتن جي بنياد تي هوندو آهي، جيڪڏهن ماڻهو سمجهن ٿا ته سزا صحيح ناهي، ته اپيل ذريعي پرامن طريقي سان عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي، نه ته روڊن تي نڪري عوام کي پریشان ڪيو وڃي.
-
ايمان مزاري ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جو ڪردار شرمناڪ آهي:جسٽس محسن ڪياني
اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ انساني حقن لاءِ سرگرم وڪيل ايمان مزاري ايڊووڪيٽ ۽ سندس مڙس هادي علي چٺا جي گرفتاري واري معاملي تي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ڪردار بابت سخت عدالتي ريمارڪس سامهون آيا آهن۔ سماعت دوران جسٽس محسن اختر ڪياني پڇيو ته ”اڄ وڪيلن جي هڙتال ڇو آهي؟“ جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه جي گرفتاري خلاف هڙتال ڪئي وئي آهي۔ ان موقعي تي جسٽس ڪياني چيو ته ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جي گرفتاري واري معاملي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جو ڪردار انتهائي شرمناڪ رهيو آهي۔هن طنزيه انداز ۾ چيو ته بار پاڻ ڪيس ٺهرائي ٿي، پاڻ گرفتاري ڪرائي ٿي، پاڻ جيل موڪلي ٿي ۽ پوءِ پاڻ احتجاج به ڪري ٿي۔ جسٽس ڪياني وڌيڪ چيو ته ”پهرين پاڻ چنڊ چڙهائين ٿا ۽ پوءِ احتجاج ڪن ٿا، اهڙي ڪارڪردگي تي ته ميڊل ملڻ گهرجي“۔ هن عدالتي نظام تي به سخت تنقيد ڪندي چيو ته ججن کي نااهل چيو وڃي ٿو ۽ هاڻي عدالتون به ڄڻ مرده ٿي ويون آهن۔ٻئي طرف، ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه کي سزا ڏيڻ خلاف اسلام آباد جي وڪيلن طرفان احتجاج جاري آهي، جنهن سبب مقامي عدالتن ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ هڙتال آهي۔ان حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جو به غير معمولي مڪالمو سامهون آيو آهي۔ عدالت ۾ هن پڇيو ته ”اڄ هڙتال ڇو آهي؟ منهنجي عدالت ۾ ته سڀ پيش ٿي رهيا آهن“۔ وڪيل قيصر عباس گوندل جواب ڏنو ته بار جي وڪيلن جي گرفتاري خلاف هڙتال آهي۔جسٽس سرفراز ڊوگر سوال ڪيو ته ”ڪهڙا وڪيل گرفتار ٿيا آهن؟“ جواب ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه جا نالا ٻڌايا ويا۔ ان تي چيف جسٽس چيو: ”ڇا توهان انهن کي وڪيل سمجهو ٿا؟“ وڪيل خاموش رهيو، جنهن تي جسٽس ڊوگر چيو ته ”جيڪڏهن توهان انهن کي وڪيل سمجهو ٿا ته چيمبر ۾ اچي راءِ ڏئي سگهو ٿا“۔
-
ايمان مزاري ڪيس: پيمرا جو اينڪر شهزاد اقبال کي نوٽيس
اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)پيمرا جيو نيوز جي اينڪر شهزاد اقبال تي جانبدار رپورٽنگ جو الزام لڳايو آهي، جڏهن هن 24 جنوري تي وڪيل ايمان زينب مزاري ۽ سندس مڙس خلاف سائبر ڪرائم قانون تحت ڏنل سزا بابت مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري سان انٽرويو ڪيو. جوڙي کي سوشل ميڊيا تي رياستي ادارن جي تنقيد ڪندڙ پوسٽن جي سبب مجموعي طور تي 17 سالن جي سزا ڏني وئي هئي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته تھن ڏينهن اندر تحريري جواب جمع ڪرائڻو پوندو ۽ 29 جنوري تي ٻڌڻي مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ متوازن رپورٽنگ ۽ ذيلي مقدمن سان لاڳاپيل قاعدن جو حوالو ڏنو ويو آهي.شهزاد اقبال ۽ جيو نيوز جي ايگزيڪيوٽو اظهر عباس ان ڪارروائي کي قانوني طور تي ڪمزور ۽ بي معنيٰ قرار ڏنو، شهزاد اقبال چيو ته پيمرا جو اهو موقف ته صرف وزير کان سوال ڪرڻ “جانبدار راءِ” شمار ٿئي ٿو، نه رڳو قانوني طور تي بي بنياد آهي، پر حقيقت سان به ٺهڪندڙ ناهي.صحافي اظهر عباس لکيو ته بلڪل، صورتحال هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ حد پار ۽ کل جوڳي ٿي رهي آهي،صحافي مطيع الله جان لکيو ته اهو ظاهر ڪري ٿو ته پيمرا ناڪام ٿي ويو، حڪومت جي موقف پيش ڪرڻ لاءِ مناسب وقت ڏنو ويو هو، ۽ پوءِ صحافي تي الزام لڳايو پيو وڃي جنهن صرف سوال پڇيا.هي ريگيوليٽري بي معنيٰ جو اعليٰ مثال آهي،اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري لکيو ته مان پيمرا جي بي معنيٰ نوٽيس جي سخت مذمت ڪريان ٿو،صحافي اسد طور لکيو ته پيمرا ظاهر طور تي ڪنٽرول ڪرڻ واري ادارو بڻجي رهيو آهي، جڏهن ته اصل ۾ ان جو ڪم ريگيوليٽري ادارو هجڻ گهرجي.