اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ)وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ارڙهين ترميم اتفاقِ راءِ سان منظور ٿي هئي، ۽ جيڪڏهن ٻيهر اتفاقِ راءِ ٿئي ته ان ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، ڇو ته بهتري جو رستو سڄي آءِن ۾ کليل آهي۔ هڪ پروگرام ۾ ڳالههائيندي هن چيو ته گل پلازه ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته گل پلازه جي منزلن جي منظوري ڪنهن ڏني، ڪڏهن ڏني ۽ اهي ڪڏهن تعمير ڪيون ويون؟ هن چيو ته ان معاملي ۾ مڪمل احتساب ٿيڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته ضلعي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ گهرجي، ڇو ته ضلعي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ آءِن جي گهرج آهي، ۽ جيستائين ضلعي حڪومتن کي اختيار نه ملندا، ماڻهن جا مسئلا حل نه ٿيندا، هڪ سوال جي جواب ۾ رانا ثناءُ الله چيو ته 8 فيبروري تي پاڪستان تحريڪ انصاف جو احتجاج ناڪام ٿيندو۔ محمود خان اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس جمهوريت تي يقين رکڻ وارا ماڻهو آهن، پر ڳالههيون فوري طور شروع ٿيندي نظر نٿيون اچن۔